بني گالا ۾ ٿيندڙ اهم گڏجاڻيءَ  مان شيخ رشيد کي نيڪالي

لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي اهم گڏجاڻيءَ ۾ شيخ رشيد ۽ شاهه محمود قريشيءَ ۾ ڏند چڪ، گارگند،عمران خان ٻي واهه نه ڏسندي شيخ رشيد کي گڏجاڻيءَ  مان اٿاري ڇڏيو، نامياري صحافي ڊاڪٽر دانش پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته گڏجاڻيءَ  ۾ ڪجهه اڳواڻن فواد چوڌري ۽  شيخ رشيد خلاف سخت تنقيدي جملا چئي ڏنا ته فواد چوڌري ته موجود نه هئو پر شيخ رشيد جوابي  جملا چيا جنهن تي شاهه محمود ۽ شيخ رشيد ۾ ڏند چڪ ٿيا ان دوران ڪجهه ٻيا اڳواڻ به  شيخ رشيد تي ڪڙڪي پيا ۽ ڳالهه وڃي گارگند تي پهتي ان دوران عمران خان ٻي واهه نه ڏسندي شيخ رشيد کي گڏجاڻي مان هليو وڃڻ جي هدايت ڪئي ۽ شيخ رشيد ڪاوڙ ۾ گڏجاڻيءَ  مان اٿي هليو ويو. هوڏانهن  فواد چوڌري مسلسل پ پ قيادت کي پارٽيءَ ۾ واپسيءَ  جا پيغام اماڻي رهيو آهي. پر کيس ڪوبه هاڪاري جواب نه ملي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.