ڇاڇرو اسپتال واقعي جو سيشن جج ”عوامي آواز“ جي خبر تي نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم

مٺي/ڇاڇرو (رپورٽ: غازي بجير/يعقوب بجير) ڇاڇري شهر جي خانگي لو اينڊ ٽرسٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي جي لاپرواهي، غفلت ۽ غلط آپريشن سبب ڳورهاري عورت ملوڪان ڀيل جي پٽ پيٽ ۾ ٻار کي ڪهي سندس ڌڙ ڪڍي سِسي پيٽ ۾ رهائي ڇڏڻ واري واقعي جي روزاني عوامي آواز ۾ لڳل خبر جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ٿرپارڪرمير غلام حُسين ٽالپر سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، سيشن جج ڊي ايڇ او ٿرپارڪر گريش ڪمار کان ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪندي جُڊيشنل مئجسٽريٽ ڇاڇرو کي انڪوائري جو حُڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، خانگي اسپتال انتظاميا جي افسوسناڪ واقعي بابت عدالت جي نوٽيس بعد ٿرٿلو مچي ويو آهي، عدالتي نوٽيس بعد صحت کاتي پاران شروع ڪيل جانچ جو دائرو به وڌايو ويو آهي ۽ صحت کاتي تڪڙي جاچ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب سيڪريٽري صحت ۽ ڊي جي پاران به اصل حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ ڊي ايڇ او کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، سيڪريٽري جي هدايتن تي صحت کاتي پاران جوڙيل ٽي رُڪني ٽيم به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب اسپتال انتظاميا معاملي کي مُنجهائڻ لاءِ پلان جوڙي ورتو آهي، اسپتال انتظاميا پنهنجو پاڻ کي بچائڻ ۾ سرگرم ٿي وئي آهي، ٻي طرف فلاحي اسپتال لو اينڊ ٽرسٽ جي انچارج انور ميڊيا کي  پنھنجو موقف ڏيندي چيو آهي ته ڄاڻايل مريض جي اسان وٽ اچڻ کان پهرين ڳوٺ جي داين طرفان اُها ڊليوري ڪرائي ويئي هئي، اسپتال پهچڻ وقت به ٻارڙي جو جسم ٻاهر ۽ منڊي ڦاٿل هئي ۽ اسان وٽ گائناڪولاجسٽ جيڪا ميرپورخاص کان ايندي آهي اُها نه هئي، اُن ڪري اُنهن کي مٺي ريفر ڪيو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڄاڻايل عورت جو سڄو جسم اُن وقت مٽي ۾ ڀريل هئي ۽ داين طرفان ٻار کي ڇڪڻ ڪري اُن جي گردن اڳ ئي ٽُٽي ويئي هئي، اُن جي وارثن اسرار ڪيو ته اوهان ڪجهه ڪريو، اسانجي گاڏي اڳ ئي رستي ۾ خراب ٿي هئي ڪلاڪ دير ٿي آهي، جڏهن اسان جي نرس اسٽاف چيڪ ڪيو ته ان وقت جسم  سان مُنڊي صرف  چمڙي ۾ اٽڪيل هئي هن جي گردن ٽٽل هئي، داين هن کي اڳ ئي ڇڪي ڌار ڪري ڇڏي هئي، جيڪا اُن عورت کي واش ڪرڻ دوران ڌڙ کان ڌار ٿي ويئي، اسان وٽ ايمرجنسي ۾ وٺي آيا هئا ۽ اسان صرف عورت جي صفائي ڪئي، اُن دوران اُها ٻارڙي جو جسم منڊي کان الڳ ٿيو هو ۽ اسان اُنهن کي مٺي وڃي آپريشن ڪرائڻ جو چيو هو. هوڏانهن ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر محمد جمن بائوٽو ڇاڇرو پهتو، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي هيلٿ چيو ته صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاھ معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، سينيئر ڊاڪٽرن جي ٽيم معاملي جاچ ڪري رهي آهي، عورت جو آخري آپريشن حيدرآباد لياقت يونيورسٽي اسپتال ۾ ٿيو آهي، جتان به جاچ ڪئي ويندي، معاملي جون حقيقتون منظرعام تي آنديون وينديون ۽ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي هاڻ خبر پئي آهي ته ڇاڇرو جي هيڏي وڏي سرڪاري اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻيون صرف ٻه آهن، ڊي ايڇ او ٿرپارڪر سان ملي ڪري هن معاملي کي جلد حل ڪيو ويندو، اسان انڪوائري ۾ هِن حد تائين پهتا آهيون ته ٽريڊيشنل دائي جنهن پهرين هن ڪيس کي ڏٺو آهي اسان جي ٽيم اُن سان ملي آهي، جلد جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پڌري ڪئي ويندي. ٻي طرف افسوسناڪ واقعو ٿيڻ تي ڇاڇرو واسين پاران خانگي اسپتال انتظاميا سان گڏ ڇاڇرو تعلقه اسپتال انتظاميا کي به اُن واقعي جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي، رهواسين جو چوڻ آهي ته ڇاڇرو هيڊڪوارٽر هجڻ باوجود تعلقي اسپتال ۾ غريب ماڻهن جي ڊليوري نٿي ڪرائي وڃي ۽ گائناڪولاجسٽ به نه هوندي آهي، اسپتال ۾ موجود سيکڙاٽ ليڊي هيلٿ ورڪرز سرڪاري اسپتال ايندڙ غريب عورتن کي سرڪاري اسپتال ۾ ڊليوري ڪرائڻ بدران يا ته ڪميشن عيوض ان خانگي اسپتال ريفر ڪنديون آهن يا وري پنهنجي گهرن ۾ قائم ڪيل غيرقانوني ميٽرنٽي سينٽرن تي وٺي اُتي ججهي رقم عيوض ڊليوري ڪرائنديون آهن ۽ گهڻين عورتن کي صفا مرڻ واري حالت ۾ پوءِ اڳتي مٺي يا حيدرآباد ريفر ڪيو ويندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.