شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 69 هين سالگرهه ،تقريبون ۽ جلسا رٿيل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه اڄ سڄي ملڪ ۾ ملهائي ويندي. پيپلز پارٽي پاران تقريبون ۽ جلسا ڪوٺائي شهيد راڻي کي ملڪ ۽ عوام لاءِ ڏنل قرباني عيوض ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. سالگرهه جي موقعي تي مرڪزي تقريب لاڙڪاڻي ۾ ٿيندي ۽ لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ وڏو جلسو پڻ ٿيندو جنهن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو. پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو جلسي گاهه جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته جلسي جي تيارين ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ جلسي گاهه ۾ هڪ وڏو اسٽيج پڻ تيار ڪيو ويو آهي ۽ هزارين ماڻهن لاءِ پنڊال ۾ ڪرسين جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جلسي ۾ لاڙڪاڻي مان هزارن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندو ۽ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويندو.

شهيد بينظير ڀٽو هڪ ارڏي ، انتهائي ذهين ۽ دلير اڳواڻ هئي: شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر) وفاقي وزير شازياعطا مري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو هڪ ارڏي ، انتهائي ذهين ۽ دلير اڳواڻ هئي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن موجب ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن جي تڪميل ڪندي شهادت جو جام نوش ڪيو.

شهيد بينظير ڀٽو جا اصول اسان لاءِ مشعل راهه رهندا: آصف/بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن بابت وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ارادو ڪيو آهي ته هو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي تي سختي سان ڪاربند رهندي ملڪ مان غربت، بک ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪندو ۽ پارليامين ۽ جمهوريت کي مضبوط بڻائي سماجي ۽ معاشي انصاف کي يقيني بڻائيندو. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ پي پي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس 69هين يوم ولادت تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ سوچ ۽ راستي جو نالو آهي جيڪو عوام کي محرومين مان نجات ۽ ايندڙ نسلن کي ترقي يافته ۽ مهذب معاشرو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي ڪاميابي آهي جو ملڪ ۾ اڄ حقيقي جمهوري قوتون متحد ٿي ملڪ کي درپيش مشڪلاتن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهن. هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته  شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجون خدمتون، جدوجهد ۽ عوام سان بي لوث محبت جي جذبي سان سرشار هئڻ سبب تاريخ ۾ هميشه زنده رهندي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا اصول اسان لاءِ هيشه مشعل راهه رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.