ڪرمپور ڀرسان مال ڪاهڻ تان جهيڙو، فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل

ڪرمپور )رپورٽ: ايم ابراھيم شيخ) ڪرمپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ جعفري ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪالهه ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنهڙو جتوئي ۾ چوپايو مال ڪاهڻ تان جعفري ۽ جتوئي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو حبيب جعفري، سندس نوجوان پٽ منصور جعفري ۽ ٻي ڌر جو ڪرم علي جتوئي ٿڏي تي مارجي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ خانپور اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻئي طرف تي ايس ايڇ  او ناپرڪوٽ موجب ٻئي ڌريون سرڪاري زمين تي قابض آهن، ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي پڻ گهربل آهن، ڌرين ۾ جهيڙو اڳ به ٿي چڪو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو  هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.