زرداري، نواز، مريم،بلاول ۽ شهباز جا ڪرپشن ڪيس ختم ٿي ويندا: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ن ليگ پهريون اين آر او مشرف کان ورتو، ٻيو اين آر او هاڻي ورتو پيو وڃي، نيب قانون ۾ ترميمن سان فالوده ،نواز، شهباز،مريم، زرداري ۽ بلاول جا ڪيس ختم ٿي ويندا، هن چيو ته  نيب ترميمن کي چئلينج ڪرڻ لاءِ پٽيشن تيار ڪري ڇڏي آهي، عوام امپورٽڊ حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو، ناڻي وارو وزير آمريڪي سفير کي چوي ٿو ته آءِ ايم ايف سان اسان جي ڊيل ڪرايو، نااهل ۽ نالائق امپورٽڊ حڪومت کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪرڻو ڇا آهي؟ هن چيو ته اهي ملڪ کي سريلنڪا ڏانهن وٺي ويندا، ڊالر غائب ٿي ويو آهي، وفاقي وزير خرم دستگير جو ٿورائتو آهيان ته هن عوام کي حقيقت کان آگاهه ڪيو، نيب قانون ۾ ترميم خلاف پي ٽي آءِ ڪارو ڏينهن ملهائي رهي آهي، 1100 ارب رپين جا ڪيس نيب دائري مان نڪري ويندا، شريف ۽ زرداري فيملي کي خاص فائدا ڏنا ويا، زال، ٻارن يا ڪنهن ٻئي جي نالي تي اثاثن جي ڇنڊڇاڻ نه ٿي سگهندي، بي نامي اثاثن کي ڪڍيو ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.