خليل الرحمان قمر خلاف ڳالهائڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پئي: ماهرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته خليل الرحمان قمر مون سان وڌيڪ منصوبا ڪرڻ جو خواهشمند هو پر ائين ممڪن نه ٿي سگهيو.

تازو هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ڊرامي صدقي تمهاري ۾ منهنجي اداڪاري ڏسي خليل الرحمان قمر ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ چيو هيائين هو مونسان اهڙن وڌيڪ منصوبن تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

ماهرا خان چيو ته ڊراما ساز خليل الرحمان قمر خلاف ڳالهائڻ کانپوءِ مون کي ڪم تان هٿ کڻڻو پيو.

ياد رهي ته خليل الرحمان قمر پاران سماجي ڪارڪن ماروي سرمد خلاف اڻ وڻندڙ لفظ ڳالهائڻ کانپوءِ ماهرا خان ڊراما ليکڪ خلاف ڳالهايو هو جنهن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ معاملا خراب ٿي ويا هئا.

ماهرا خان ان حوالي سان چيو ته مون کي خليل الرحمان قمر خلاف ڳالهائڻ جي قيمت ڪم تان هٿ ڌوئڻ ذريعي ادا ڪرڻي پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.