اڳوڻي ايم اين اي غلام علي نظاماڻي جي پٽ دانيال نظاماڻي دانش پ پ ۾ شموليت کانپوءِ وسي عادل تان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.
ان حوالي سان تلهار پريس ڪلب ۾ غلام علي نظاماڻي جي پٽ دانيال نظاماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ سندن گھر آهي جنهن ۾ هو گھر ڀاتين جيان شامل ٿيا آهن.
هن چيو ته سندن والد مرحوم غلام علي نظاماڻي ايم اين اي طور تڪ جي عوام جون بي لوث خدمتون ڪيون.
غلام علي نظاماڻي جي پٽ وڌيڪ چيو ته والد جي وڇوڙي کانپوءِ سندس ورتل واٽ تي نڪتا آهيون، اميد ته تلهار جو عوام سٺي موٽ ڏيندو.