قمبر: ايس ٽي پي ۽ عوامي تحريڪ جو سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ ايس ٽي پي ۽ عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن غلام مصطفي چانڊيو، الله بخش جاگيراڻي، محبوب رُڪُ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌارڻو هڻي سنڌ زمينن کي بنجر بڻايو پيو وڃي، پاڻي کوٽ سبب هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻج به نه پوکجي سگهيو آهي.

هنن چيو ته سنڌ جي پورهيت، ھاري ۽ آبادگارن جو گذر سفر زراعت تي آهي جنهن جي ڪمزور ٿيڻ سان پاڪستان معاشي طور ڪمزور ٿيندو.

اڳواڻن ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن پاڻي کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته سنڌ ۾ ڏڪار پيدا ٿي ويندا، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي ڏڪار کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.