ڳيريلو: يوسي محرابپور ۾ پ پ اڳواڻن جون مڪاني چونڊن جي حوالي سان مختلف برادرين سان گڏجاڻيون

تعلقي باقراڻي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون جاري آهن، جڏهن ته پ پ اڳواڻ پاران يوسي محرابپور ۾ مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڪيون ويون.

پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي عزيز احمد جتوئي ۽ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال يوسي محرابپور جي مختلف وارڊن ۾ مختلف بردارين جي ماڻهن سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون.

ان موقعي تي پ پ اڳواڻ عزيز احمد جتوئي چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ کتل آهن.

ان موقعي تي طارق سيال يوسي محرابپور جي عوام کي اپيل ڪئي ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي اميدوارن کي پنهنجو ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو وڃن، جيئن هو عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.