ڀان سيد آباد: پي ٽي آءِ ۽ايس يو پي جو مڪاني چونڊن جي اميدوارن جي گرفتار ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ڀان سيد آباد ۾ پي ٽي آءِ ۽ايس يو پي پاران مڪاني چونڊن جي اميدوارن جي گرفتار ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

ڪارڪنن ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، پي ٽي آءِ جي محمد علي شاهه، منظور پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي پوليس مڪاني چونڊن ۾ حڪمران ڌر جي ونگاري بڻيل آهي، پ پ مخالف اميدوارن مختلف طريقن سان هيسائي هٿ کڻايو پيو وڃي.

هنن چيو ته ايس ايڇ او ڀان قربان قمبراڻي پ پ جي ونگار وهندي بنا جواز پي ٽي آءِ اميدوار بدرالدين پنهور ۽ ايس يو پي جي اميدوار قادر ٿيٻو کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

اڳواڻن اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اميدوارن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.