ڇوڪري 10 سالن ۾ 10 جهازن جي مالڪياڻي بڻجي وئي!

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) 22 ورهين جي عمر ۾ ايوي ايشن انڊسٽري ۾ ڪاروبار جي شروعات ڪندڙ ڇوڪري 32 سالن ۾ 10 جهازن جي مالڪياڻي بڻجي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪنيڪا ٽيڪريوال ننڍپڻ کان ئي ايوي ايشن انڊسٽري ۾ دلچپسي رکندي هئي، هن 2012 ۾ ”جيٽ سيٽ گو“ جي نالي سان هڪ ڪمپني قائم ڪئي، جنهن کي اڄ ڀارت ۾ ”فضائي اوبر“ به چيو ويندو آهي.

اڄ ڪنيڪا 7 ڪروڙ ڊالرن جي رقم جي مالڪياڻي آهي ۽ ان جا پرائيويٽ جيٽ ڪمپني ۾ 10 پرائيويٽ جهاز آهن.

ڪنيڪا ٽيڪريوال موجب مان شروع کان ئي ايوي ايشن انڊسٽري ۾ دلچسپي رکندي هيس، جڏهن مان ڏٺو ته پرائيويٽ چارٽرڊ جهاز حاصل ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي، ان جو سمورو پراسيس بروڪرز ۽ آپريٽرز وچ ۾ اهڙو ڏکيو آهي جو جهاز ڪرائي تي حاصل ڪرڻ جا خواهشمند وائڙا ٿي ويندا آهن، مان سوچيو ته ان صورتحال کي ماڻهن لاءِ آسان ڪرڻ گهرجي.

ايم بي اي گريجوئيٽ ڪنيڪا جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ جيٽ انڊسٽري ۾ شفافيت نه هجڻ ۽ جهاز گهٽ هجڻ سبب ماڻهن کي وڏي رقم ڪرائي طور ادا ڪرڻي پوندي آهي، حقيقت ۾ منهنجو خواب هو ته پرائيويٽ جهازن جو سفر عام ماڻهن جي پهچ تائين آڻيان، جيڪي وقت کي گهڻي اهميت ڏيندا آهن ۽ گهٽ وقت ۾ هڪ کان ٻئي هنڌ سفر ڪرڻ چاهيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.