سگريٽ ڇڪڻ دماغي صحت لاءِ به هاڃيڪار قرار

تماڪ نوشي رڳو جسم نه پر دماغ لاءِ به هاڃيڪار هوندي آهي ۽ ان جي عادي ماڻهن ۾ شيزو فرينيا ۽ ڊپريشن جو خطرو به وڌيڪ هوندو آهي.

برطانيا جي هرسٽل يونيورسٽي ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب تماڪ نوشي جي ڪري شيزو فرينيا سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو 53 کان 127 سيڪڙو جڏهن ته ڊپريشن جو خطرو 54 کان 132 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

شيزو فرينيا هڪ سنجيده قسم جي نفسياتي بيماري آهي، هن بيماري سان سوچڻ جو انداز، احساسَ، جذبن ۽ طرزِعمل ۾ بنيادي تبديليو پيدا ٿي سگهن ٿيون، جنهن ڪري مريض جي رزواني بنيادن جا معاملا متاثر ٿيندا آهن.

تحقيق ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته تماڪ نوشي سان دماغي بيمارين جو خطرو ڇو وڌندو آهي، پر محققن جو چوڻ آهي ته دماغي بيمارين جي شڪار فردن ۾ تماڪ نوشي جو ريشو صحتمند ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته برطانيا ۾ تماڪ نوشي جي عادي 60 لک مان 2 لک 30 هزار شهري ڪيئي قسمن جي دماغي بيمارين جو شڪار آهن جڏهن ته 16 لک ڊپريشن ۽ انزائٽي سبب متاثر آهن.

محققن ٻڌايو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه هئڻ گهرجي ته تماڪ نوشي دماغي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ ان عادت جي روڪٿام سان جسماني ۽ ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.

تحقيق ۾ تماڪ نوشي ۽ هارٽ فيليئر جي مختلف قسمن وچ ۾ تعلق جو جائزو ورتو ويو هو، تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن تماڪ نوشي ڇڏي وڃي تڏهن به انهن ۾ هارٽ فيليئر جو خطرو ڪيئي ڏهاڪن تائين برقرار رهندو آهي.

محققن ٻڌايو ته تحقيق جي نتيجن مان تماڪ واپرائڻ کان هميشه دور رهڻ جي اهميت واضح ٿئي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.