مودي ماءُ سان ملڻ لاءِ به ڪيمرامين جو ڊگهو انتظار ڪندو رهيو !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجين ڳالهين ۽ حرڪتن جي ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل رهندو آهي، هاڻي به گوگل تي دنيا جو بيوقوف ترين شخص لکي فوٽو سرچ ڪجي ته سڀ کان پهريان مودي جو فوٽو ايندو.

تازو نريندر مودي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ماءُ سان ملڻ پهتو ۽ گاڏي مان ٻاهر نه نڪري رهيو هو، اصل ۾ هو ڪيمرا مين ۽ وڊيو گرافر جي پهچڻ جو انتظار ڪري رهيو جيئن وڊيوز سوشل ميڊيا تي اچي سگهن ۽ بلڪل ائين ئي ٿيو آهي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي پر ان ۾ مودي وڊيو ۽ فوٽوگرافرن جو ڪار ۾ ويهي انتظار ڪري ٿو ۽ انهن جي پهچڻ بعد ٻاهر نڪري ٿو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب نريندر مودي جي ماءُ حرابين مودي تازو پنهنجي 100هين سالگرهه ملهائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.