ايندي ڪيوري جنهن ويهه ورهين کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڻي پيتو !

برطانيا سان واسطو رکندڙ 41 ورهين جي اينڊي ڪيوري ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڻي پيتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اينڊي هڪ سپر مارڪيٽ ۾ ڪم ڪندو آهي جنهن کي گذريل 20 ورهين کان سافٽ ڊرنڪ پيئڻ جي عادت هئي ۽ هو روز 10 ليٽر ڪولڊ ڊرنڪ پي ويندو هو.

پر هاڻي هن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته رڳو هڪ هيپنو ٿراپي سيشن ( نفسياتي علاج ) جي مدد سان ان عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو آهي.

اينڊي ڪيوري موجب هڪ هو ڏينهن ۾ سافٽ ڊرنڪ جا 30 ڪينز پي ويندو هو، جنهن تي سندس روز 20 پائونڊز جڏهن ته اٽڪل ساليانو 7 کان 8 هزار پائونڊز ( 19 لک کان رپين کان وڌيڪ ) رقم خرچ ٿيندي هئي.

هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته هو ويهن ورهين جي عمر سوفٽ ڊرنڪس واپرائڻ جي عادت ۾ مبتلا ٿي ويو. جڏهن وزن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿيڻ لڳي تڏهن ڊاڪٽرن خدشو ظاهر ڪندي چيوته اهڙي صورتحال رهي ته شوگر جي بيماري ٿي سگهي ٿي جنهن کانپوءِ پنهنجو علاج ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.

اينڊي مقامي ٿراپسٽ ۽ هپناٽسٽ سان رابطو ڪيو جنهن منجهس Avoidant Restrictive Food Intake Disorder نالي بيماري جي تصديق ڪئي پر هو رڳو 40 منٽن جي هڪ سيشن جي مدد سان ڪيوري جي اها عادت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

سيشن کانپوءِ ڪيوري 20 ورهين کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڻي پيتو ۽ هڪ مهيني ۾ 7 ڪلو وزن گهٽايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.