”اڃا ته گهڻن جا کيسا خالي ڪرڻا آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته خالي پلاٽ تي اڏاوت شروع ڪئي وڃي ته ڪو ٽيڪس نه وٺنداسين.

هن چيو ته اوهان پهرين سر لڳائي ڇڏيو، ٽيڪس ختم ڪيو ويندو، قبضو ملڻ ۽ اڏاوت شروع نه ڪرڻ تي ٽيڪس لاڳو هوندو.

ناڻي واري وزير خالي پلاٽ مخصوص مدي تائين رکڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ڪمپنيون ساليانو 30 ڪروڙ منافعي تي 2 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪنديون.

سينيٽ ڪاميٽي سفارش ڪئي ته 30 ڪروڙ تي ٽيڪس بدران 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس لڳايو وڃي ان تي مفتاح اسماعيل چيو ته ڳالهه ته ٺيڪ آهي پر ڇا ڪريون پيسن جي وڏي ضرورت آهي.

ان تي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ڳالهه ۾ وزن آهي، مفتاح صاحب ڪو ٻيو کيسو ڪٽيو، مفتاح اسماعيل جواب ڏنو، بلڪل اڃان ته ٻيا به کيسا ڪٽڻا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.