راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن جو مزاحيا اداڪار مسعود خواجا لاڏاڻو ڪري ويو.
گهر ڀاتين موجب مسعود خواجا هولي فيملي اسپتال راولپنڊي ۾ علاج هيٺ هو، بڪين جي بيماري سبب هو ڊائلاسز ڪرائيندو هو.
ڊگهي فني ڪيريئر ۾ مسعود خواجا ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، پاڪستان ٽيلي ويزن تي نشر ٿيندڙ ڊرامو ”گيسٽ هائوس“ سندس مشهور ڊرامن مان هڪ آهي.