سرڪاري کاتن ۾ به بجلي جي بچت مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۾ بجلي بچت مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن کاتن جا سيڪريٽريز پنهنجن کاتن بابت بجلي بچت جو پلان ڏيندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گريڊ 17 کان 20هين تائين آفيسر ڊيوٽي دوران 3 ڪلاڪ اي سي بند رکندا جڏهن ته گريڊ هڪ کان 18 جي آفيسرن وٽ اي سي استعمال ڪرڻ تي مڪمل پابندي تي به غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب اهو قدم بجلي جي 30 سيڪڙو بچت يقيني بڻائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.