ڀارت ۾ هڪ ئي خاندان جي 9 ڀاتين آپگهات ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ گهر مان هڪ ئي خاندان جي 9 ڀاتين جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس کي شڪ آهي ته ڄاڻايل گهرڀاتين گڏيل طور تي آپگهات ڪيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ممبئي ۾ هڪ گهر مان پنج عورتن ۽ چئن مردن جا لاش هٿ آيا آهن.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا ، جڏهن ته واقعي کي مبينا طور تي گڏيل آپگهات قرار ڏنو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا آپگهات ڪندڙ سڄو خاندان ڊاڪٽر آهي جڏهن ته سمورن ڀاتين زهريلو کاڌوکائي آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي حتمي نتيجو ڪڍي سگهبو ته سندن موت جو ڪارڻ ڪهڙو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.