رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو عالمي اوپيرا فيسٽيول جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي گلوڪارن ڪلاسيڪل موسيقي جي فن جو مظاهرو ڪيو.
سعودي عرب جي تخت گاهه رياض ۾ ثقافت واري وزارت جي اهتمام هيٺ 18 جون کان 20 جون تائين ٿيندڙ عالمي اوپيرا فيسٽيول ۾ دنيا جي ناليوارن ڪلاسيڪل موسيقي جي گلوڪارن شرڪت ڪئي.
انهن ۾ آسٽريليا جي گلوڪارا ڊينيل ڊي نيس، آرمينيا جو گلوڪار جارج هيڪوبين ۽ مالٽا سان واسطو رکندڙ جوزف ڪاليجا شامل هئا، ان کانسواءِ سعودي گلوڪار مصطفيٰ شيرا به پرفارم ڪيو.
رياض بليوارڊ سٽي ۾ ٿيل اوپيرا فيسٽيول ۾ گلوڪارن جي شاندار پرفارمنس سان شوقين لطف اندوز ٿيا ۽ فن جو مظاهرو ڪندڙن کي داد ڏنو.
شوقينن جو چوڻ هو ته سعودي عرب ۾ هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ايونٽ آهي، جنهن کي سٺي موٽ ملي رهي آهي.