بيلجيئم ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف عملي جي ڪم ڇڏ هڙتال، برسلز هوائي اڏو اڏامن لاءِ بند

بيلجيئم جي راڄڌاني برسلز جي هوائي اڏي تان اڄ سيڪيورٽي عملي جي هڙتال سبب هڪ به فلائيٽ اڏام نه ڀري سگهي.

اختيارين طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي عملي جي هڙتال سبب برسلز هوائي اڏي کي ويندڙ اڏامن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

 مسافرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو ايئرپورٽ نه اچن.جڏهن ته هن وقت ايئرپورٽ رڳو ايندڙ اڏامن لاءِ کليل آهي.

برسلز هوائي اڏي جي بندش بيلجيئم واپاري يونينز اي سي وي، اي سي ايل وي بي ۽ ابي وي وي جي قومي هڙتال جو نتيجو آهي، اڳواڻن طرفان مهانگائي ۾ واڌ سبب پريشان ورڪرن جون مالي ڏکيائيون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

هڙتال جي نتيجي ۾ بيلجيئم ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ وارو نظام به گهڻو متاثر ٿيو آهي، هڙتال دوران 70 هزار ملازم برسلز شهر ۾ مارچ ڪيو.

ان موقعي تي پگهارن ۾ واڌ ۽ ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

ٻئي پاسي بيلجيئم حڪومت جو چوڻ آهي ته بيلجين ملازمن کي يورپ جي اڪثر شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تحفظ حاصل آهي ڇاڪاڻ ته هتي پگهارون مهانگائي جي ريشي موجب طئي ڪيون وينديون آهن.

حڪومت چيو ته گئس، بجلي ۽ تيل تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ کي 2022ع جي آخري تائين واڌ ڏني پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.