فرانسيسي صدر پارليامنٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺو

فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميڪرون پارليامنٽ ۾ اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، ايمانوئيل ميڪرون ۽ سندس اتحادين آچر ڏينهن پارلياماني چونڊن جي ٻئي مرحلي کانپوءِ 5 پولنگ فرمز جي پروجيڪشن ۾ پارليامنٽ ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب 5 پولنگ فرمز جي پروجيڪشن ۾ صدر ميڪرون جي اتحاد کي 200 کان 260 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.

سروي موجب پارليامنٽ ۾ اڪثريت لاءِ 289 سيٽون گهربل آهن جڏهن ته هاڻي اڪثريت لاءِ صدر ميڪرون  کي نوان اتحادي گهربل هوندا.

فرانس جي وزيراعظم الزبٿ بورن جو چوڻ آهي ته پارلياماني چونڊن جي نتيجا ملڪ لاءِ خطرناڪ آهن، جڏهن ته حڪمران پارٽي فوري طور نون اتحادين جي ڳولا ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.