لاهور (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي ميمبر ميان حامد رشيد ايوان ۾ ڪِري پيو.
ميان حامد رشيد پير تِرڪڻ سبب ايوان ۾ ڪِري پيو، جنهن تي اجلاس جي ڪارروائي روڪي وئي، جڏهن ته اتي ئي اسيمبلي ميمبر کي ريسڪيو 1122 طرفان شروعاتي طبي امداد ڏني وئي.
فیصل آبادکے ممبر صوبائی اسمبلی میاں حامد رشید ایوان میں گر گئے
میاں حامد رشید پاؤں مڑنے کے باعث نیچےگر ے
ممبر اسمبلی کے گرنے کی وجہ سے اجلاس کی کارروائی روک دی گئی…ممبر اسمبلی کو ریسکیو 1122 کی جانب سے ابتدائی طبی امداد دی جا رہی#Neutrals pic.twitter.com/u11t9Ai9AV— Amir Raza Khan (@AmirRazakhan042) June 20, 2022
حامد رشيد جي ڪِرڻ تي ٻيا ميمبر وٽس پهچي ويا، ريسڪيو اهلڪارن طبي امداد ڏيڻ لاءِ کيس اٿاريو ۽ ان کي طبعيت بحال ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر پنهنجي سيٽ تي ويهاريو ويو.