19 ورهين جي ناري 70 ورهين جي پيرسن سان پسند ڪرڻو ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) 19 ورهين جي نوجوان ناريءَ 70 ورهين جي همراهه جي محبت ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ساڻس محبت جي شادي ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان جوڙي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته واڪ ڪرڻ ويندا هياسين جتان اسان کي هڪ ٻئي سان محبت ٿي وئي.

70 ورهين جي لياقت علي چيو ته مان واڪ تي ويندو هيس ته هڪ ڀيري شمائلا به وڃي رهي هئي مان سندس وارن کي ڇهيو ته هن پوئتي ڏٺو ۽ پوءِ اسان هڪ ٻئي کي پسند اچي وياسين.

هن چيو ته شادي جي آڇ مان ئي شمائلا کي ڪئي هئي جيڪا هن قبول ڪري ورتي هئي.

19 ورهين جي شمائلا چوي ٿي ته عشق ۾ عمر ناهي ڏٺي ويندي بس محبت ٿي ويندي آهي.

هن چيو ته منهنجي گهروارن کي شادي تي اعتراض هو پر مان کين پرچائي ورتو.

گهروارن چيو ته جڏهن اوهان راضي آهيو ته اسان کي ڇا آهي.

شمائلا موجب هاڻي اسان جي شادي کي چار مهينا ٿي ويا آهن ۽ اسان خوش آهيون جڏهن ته اسان ٻنهي جا گهروارا به هڪ ٻئي سان ملندا رهندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.