عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم لاءِ عدالتي حڪم تي عملدرآمد شروع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر (ايم اين اي) عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم جي عدالتي حڪم تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي پوسٽ مارٽم لاءِ پوليس سرجن کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته عدالت عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڪيو وڃي ۽ ضروري قدم کنيا وڃن.

ياد رهي ته مشهور ٽي وي اينڪر، مقرر ۽ ايم اين اي عامر لياقت 9 جون تي پنهنجي ڪمري مان بي هوش هٿ آيو هو، ملازمن جي اطلاع تي عامر لياقت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس موت جي تصديق ڪئي وئي.

پوليس رپورٽ موجب ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته جسم جو اندريون جائزو وٺڻ تائين عامر لياقت جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھندو.

فوتگي جي ٻئي ڏينهن عامر لياقت جي تدفين سندس وصيت موجب عبدالله شاهه غازي جي مزار تي اڱڻ ۾ ڪئي وئي هئي.

ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي مقامي عدالت عامر لياقت حسين جي پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو هيو.

جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جو لکت حڪم نامي ۾ چوڻ هو ته وارثن جو موقف آهي ته پوسٽ مارٽم سان عامر لياقت جي قبر جي بي حرمتي ٿيندي، ڪو شڪ ناهي ته اهي عامر لياقت جي قبر جا وارث آهن پر موت شڪي هجي ۽ ڏوهه جو به خدشو هجي ته انصاف جو نظام حرڪت ۾ اچڻ گھرجي.

سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته وارث عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائڻ چاهين، وارث چون ٿا ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ سان مرحوم جي روح کي تڪليف پهچندي، وارث چون ٿا ته اسان کي ڪنهن تي به شڪ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.