اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي احتجاج جي سڏ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن ماڻهن عمران خان جي ڏڦيڙ جي سڏ کي وري رد ڪري ڇڏيو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته ماڻهن جو گهٽ انگ ڏسي عمران خان احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيندو آهي.
کل لوگوں نے عمران خان کی انتشار کی کال کو ایک بار پھر مسترد کر دیا۔ لوگوں کی کم تعداد دیکھ کر عمران خان احتجاج کی کال واپس لے لیتے ہیں۔ جب لوگوں نے "عالمی سازش” کے بیانئے کو مسترد کیا تو ان کو مہنگائی یاد آ گئی۔ جس مہنگائی کے خلاف وہ احتجاج کر رہے اس کے ذمہ دار بھی خود ہیں۔1/2
— SenatorSherryRehman (@sherryrehman) June 20, 2022
هن چيو جڏهن ماڻهو عالمي سازش جو بيانيو رد ڪن ته کيس مهانگائي ياد اچي ويندي آهي، جنهن مهانگائي خلاف عمران خان احتجاج ڪري رهيو آهي ان جو ذميوار به پاڻ آهي.
سندس موجب عمران خان حڪومت ۾ چيو هو ته پٽاٽي ۽ ٽماٽي جا اگهه ٺيڪ ڪرڻ ناهيان آيو، ماڻهن کي هاڻ پي ٽي آءِ جي بيانيي ۽ ڏڦيڙ جي سياست ۾ دلچپسي ناهي رهي.