ٽيوب ليس کانپوءِ پيش آهن ايئر ليس ٽائر، پنڪچر جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي!

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) جديد دور جي گهرجن موجب اليڪٽرڪ ڪارون به مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن ۽ ڪرائي واريون گاڏيون وڏي پئماني تي سفر لاءِ استعمال ٿين پيون ان ڏس ۾ ٽائرن ۾ جدت آڻڻ به اڻٽر بڻيل هئي جنهن کي هڪ ٽائرن جي ڪمپني پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ڪمپنيءَ طرفان اهڙا ٽائر تيار ڪيا ويا آهن جن ۾ هوا نٿي ڀري وڃي ۽ اهي پنڪچر نٿا ٿين، هنن ٽائرن ۾ مستقبل جي حوالي سان به اميدون آهن ٽائرن ۾ لچڪ اهڙي رکي ويندي جو لوڏو ئي نه ايندو ۽ اهڙا سينسرز لڳايا ويندا جنهن سان هي روڊ رستن جو ڍانچو تيار ڪري سگهندا.

اهي ٽائر لڪسمبرگ ۾ ٽيسلا ماڊل ٿري جي گاڏي ۾ لڳايا ويا آهن جن کي آمريڪي ڪمپني گڊايئر پاران تيار ڪيو ويو آهي.

گاڏي کي هوا کان خالي ٽائر لڳائي تيز رفتار سان ڊوڙايو ويو ۽ خطرناڪ موڙ تي بريڪ لڳرائي وئي ۽ ٽائرن پنهنجو ڪم سهڻي نموني انجام ڏنو.

هنن ٽائرن ۾ خاص پلاسٽڪ جون تيليون هڪ مضبوط بينڊ کي رم سان چنبڙائين ٿيون، جيئن ئي گاڏي هلي ٿي ته اسپوڪس روڊ جي حالتن موجب لچڪ جو مظاهرو ڪن ٿا.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو اڃان سکڻ واري مرحلي ۾ آهن ۽ مستقبل جي حوالي سان پراعتماد آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.