سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ڪر کڻڻ لڳو، هاڪاري ڪيس وڌي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ تقريبن چئن مهينن کانپوءِ عالمي وبا ڪورونا وائرس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻڻ لڳي آهي ۽ حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسز جي شرح 16 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران وائرس جي سڃاڻپ لاءِ 11 هزار 212 ٽيسٽن ڪيون ويون هيون جن مان 171 ڪيسز هاڪاري آيا.

اهري ريت گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيسز هاڪاري اچڻ جي شرح 1.53 سيڪڙو رهي جنهن ۾ 57 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ڪنهن مريض جي فوتگي رپورٽ ناهي ٿي.

ان دوران شهرن جي حوالي سان ڪورونا ڪيسز هاڪاري اچڻ جي صورتحال هيٺئين ريت آهي.

حيدرآباد، 16.67، ڪراچي 10.08، ميرپور، 5.26، مظفرآباد، 2.27، مردان 3.39، اسلام آباد 2.07، ايبٽ آباد 1.2 ۽ لاهور ۾ هڪ سيڪڙو هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.