حيدرآباد ۾ پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف چوڙي فيڪٽرين جي پورهيتن جي هڙتال، ڪارخانن کي تالا

حيدرآباد (رپورٽ:مقبول ملاح)  ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي، گيس ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ چوڙي صنعت کي تباھ ڪري ڇڏيو، پگھارن ۾ اضافو نھ ٿيڻ تي چوڙي فيڪٽرين جي مزدورن جي ھڙتال سبب مالڪن فيڪٽريون بند ڪري ڇڏيون، چوڙي صنعت سان لاڳاپيل لکين ھوم بيسڊ ورڪر فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿي ويا.  پاڪستان ۾ واحد شھر حيدرآباد ۾ آبھوا جي بنياد تي چوڙي صنعت قائم آھي، حيدرآباد ۾ لڳ ڀڳ 50 فيڪٽرين ۾ چوڙيون تيار ٿين ٿيون، جتي 11 ھزارن کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪن ٿا. جڏھن تھ لکن جي تعداد ۾ ھوم بيسڊ عورت ورڪر بھ ھن صنعت سان لاڳاپيل آھي، حيدرآباد ۾ تيار ٿيندڙ چوڙيون پاڪستان جي مڙني شھرن سميت افغانسان ۽ ايران تائين امپورٽ ٿين ٿيون، پر ملڪ ۾ وڌندڙ  مھانگائي، بجلي  ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ ڪري صنعت مڪمل طور تباھي جي ڪناري تي پھچي چڪي آھي. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ھڪ چوڙي فيڪٽري جي مالڪ ممتاز علي شيخ ٻڌايو تھ ڪجهھ سالن کان ھلندڙ ڪورونا وبا سبب ھي صنعت اڳ ئي خساري ور چڙھيل ھئي مٿان وري تازو  وڌندڙ مھانگائي، بجلي ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ ھن صنعت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو تھ ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي کي ڏسندي اسان چوڙين جي اگھ ۾ اضافو ڪيوسين تھ دڪاندارن چوڙيون خريد ڪرڻ کان انڪار ڇڏيو،. جڏھن تھ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگھارن ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو پر ملازمن جو چوڻ ھو تھ سندن پگھارن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، نتيجن ملازم ھڙتال تي ھليا ويا. ھن چيو تھ ھڪ مھانگائي، مٿان وري دڪاندارن چوڙين جي ريٽ ۾ اضافو ڪرڻ سبب سيل بند ڪري ڇڏي ۽ مزدورن جي وڏي پيماني تي پگھارن ۾ اضافي ڪرڻ جي گھر ڪئي، نتيجن مجبورن فيڪٽريون بند ڪيون آھن، جنھن سان لکين خاندان متاثر ٿيندا. عوامي آواز طرفان رابطي ڪرڻ تي ھوم بيسڊ وومين ورڪرس فيڊريشن سنڌ جي انفرميشن سيڪريٽري شڪيلا خان ٻڌايو تھ حيدرآباد ۾ لکين ھوم بيسڊ عورتون ورڪر آھن، جيڪي ھن صنعت سان لاڳاپيل آھن، پر بجلي ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ سبب ڪم سخت متاثر ٿي رھيو آھي، جڏھن تھ سندن اجرت ۾ اضافو نھ ٿيڻ ڪري ھن مھانگائي واري دور ۾ سندن گذارو مشڪل بڻجي ويو آھي.  ھن چيو تھ سخت گرمي ۾ گيس تي چوڙي جو ڪم ڪرڻ سبب عورتون ٽي بي، اکين ۽ مسلسل ويھڻ ڪري جوڙن جھڙين بيمارين ۾ مبتلا  ٿين ٿيون پر حڪومت طرفان سندن ڪابھ واھر نھ ٿي ڪئي وڃي. ھن مطالبو ڪيو تھ سنڌ ۾ لکين ھوم بيسڊ عورتون ورڪر آھن، جيڪي چوڙي صنعت سميت  گھرن ۾ سلائي ڪڙاھي ۽ ٻيو ڪم ڪن ٿيون، تن جي رجسٽريشن مڪمل ڪري حڪومت طرفان کين وظيفن، تعليم ۽ صحت جو سھوليتون ميسر ڪيون وڃن. چوڙي ويلڊنگ ورڪرس يونين جي صدر ريحان خان يوسفزئي چيو تھ مھانگائي سبب چوڙي ورڪر فاقاڪشي ۾ مبتلا آھن، جڏھن تھ بجلي ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ ڪري چوڙين جي جوڙائي ۽ سدائي وارو ڪم مڪمل متاثر آھي، نتيجن ھن صنعت سان لاڳاپيل لکين ماڻھو فاقاڪشي ۾ مبتلا آھن. ھن مطالبو ڪيو تھ چوڙي ورڪرن جي پگھارن ۾ اضافو ڪري بجلي  ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ۾ گھٽتائي آندي وڃي  ۽ سنڌ حڪومت طرفان پاس ڪيل بل تي عمل ڪيو وڃي تھ  جيئن چوڙي صنعت کي بچائي لکين ماڻھن کي فاقاڪشي کان بچائي سگھجي. 17

  • لطيف آباد، ڪچي آبادي، ٽنڊي ڄام جي آبادي چوڙي صنعت سان واڳيل

حيدرآباد؛ حيدرآباد پاڪستان جو واحد شھر آھي، جتي چوڙي صنعت ڪم ڪري ٿي ۽ حيدرآباد جي پريٽ آباد، نوراني بستي، لياقت ڪالوني، لطيف آباد11،1 ، 13، قاسم آباد جي ڪچي آبادي، تعلقي ٻھراڙي جي شھر ٽنڊوڄام سميت 80 سيڪڙو حيدرآباد جي آبادي چوڙي صنعت سان لاڳاپيل آھي، جتي لکين عورتون، ۽ مزدور ڪم ڪن ٿا، جڏھن حيدرآباد کان سواءِ ڪوٽڙي، ڄامشورو، ٽنڊو الھيار ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ بھ چوڙي جو ڪم ڪيو وڃي ٿو.  حيدرآباد مان پاڪستان جي مڙني ننڍن وڏن شھرن توڙي افغانسان ۽ ايران بھ حيدرآباد جي چوڙي امپورٽ ٿئي ٿي.

  • هوم بيسڊ ورڪرن جي رجسٽريشن مڪمل نه ٿي

حيدرآباد؛ ھوم بيسڊ وومين ورڪرس فيڊريشن سنڌ جي انفرميشن سيڪريٽري شڪيلا خان ٻڌايو تھ سنڌ اسيمبلي 2018 ۾ سنڌ هوم بيسڊ ورڪرز بل منظور ڪيو ھو، ته جيئن گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن خاص ڪري عورت مزدورن جي حقن جو تحفظ ٿي سگھي. قانون موجب گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي سروي ڪرائي حڪومت کي فنڊ مختص ڪرڻا ھئا. حيدرآباد ۾ ھوم بيسڊ ورڪرن جي رجسٽريشن جو سلسلو شروع بھ ٿيو ھيو ۽ لڳ ڀڳ 1000 کان وڌيڪ ھوم بيسڊ عورت ورڪر جي رجسٽريشن بھ مڪمل ٿي وئي ھئي ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ طرفان سندن ويريفڪيشن جو عمل بھ شروع ٿيو پر اڃان تائين اھو مڪمل نھ ٿيو آھي. ھن چيو تھ ھوم بيسڊ ورڪر رجسٽرڊ نھ ھجڻ ڪري حڪومت طرفان سندن ڪابھ واھر نھ ٿي ٿئي. نتيجن ھو جوڙن، اکين ۽ ٽي بي جھڙي موذي مرضن ۾ مبتلا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.