ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي موجب ملڪ جي مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ برساتن جو امڪان آهي، سومر کان تيز برساتن جو سلسلو داخل ٿيندو، موسميات کاتي جي ايڊوائزري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سسٽم تحت ڪراچي ۾ 21 کان 22 جون تائين تيز هوائون گهلنديون، طوفان ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، سکر، لاڙڪاڻي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد، دادو، ڄامشوري ۽ حيدرآباد ۾ به برسات پوندي، سومر کان 22 جون وچ ۾ اسلام آباد، خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ ڪشمير ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي، ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته مسافر ۽ سياح موسم ۾ وڌ کان وڌ محتاط رهن ۽ غيرضروري سفر کان پاسو ڪن.