ڪراچي ۾ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪيترائي هوٽل ۽ دڪان سيل

ڪراچي (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪيپٽن (ر) عبدالستار عيساڻي ضلعي آفيسرن کي گهرو کاتي جي حڪمن تي سختي سان عمل  ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر صدر اليڪٽرڪ مارڪيٽ ۾ حڪومتي حڪمن جي ڀڃڪڙي تي 4 دڪان سيل ڪري ڇڏيا.حڪومتي حڪمن جي ڀڃڪڙي تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر سول لائنز ڊي ايڇ اي جي ڪلفٽن ۽ کڏامارڪيٽ واري علائقي ۾ هاٽ اينڊ اسپيسي انڊس فوڊ چلي 360 سميت 6 ريسٽورنٽ کي حڪومتي حڪمن جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته آرام باغ وٽ ڪارروائي ڪندي برنس روڊ واري علائقي ۾ آغا سجي سميت ڪيترائي ريسٽورنٽ سيل ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.