ڪراچي ۾ عورتن به قرباني جي جانورن جون پڙيون لڳائي ڇڏيون

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مال پڙي سينگارجي وئي آهي، سهراب ڳوٺ ۾ قائم مال پڙي ۾ قرباني جي جانورن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جتي سڪيورٽي لاءِ هن سال 300  ڪيميرائون لڳايون ويون آهن، هن ڀيري پڙي ۾ عورتون به چوپايو مال وڪري لاءِ ڪاهي آيون آهن، عورتن جو چوڻ آهي ته ڪوبه ڪم ڏکيو نه آهي، پڙي ۾ 25 مڻ جو وزني لال بادشاهه، 20 مڻ جو شيزا ڪنگ ۽ 18 مڻ وزني مٺو ۽ گلوڪي ڌوم ڏاند آندا ويا آهن، شيرا ڪنگ جي قيمت 25 لک رپيا رکي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.