امڪاني ڌانڌلي خلاف ننگرپارڪر ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، آر او آفيس آڏو ڌرڻو

مٺي/ننگرپارڪر (رپورٽ: غازي بجير/لياقت سمون) ٿرپارڪر ۾ مڪاني چونڊن ۾ امڪاني ڌانڌالي ۽ آزاد اميدوارن خلاف ڪارروائين خلاف ننگرپارڪر ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، آر او آفيس آڏو ڌرڻو هنيو  ويو. ننگرپارڪر ۾ هزارين ماڻهو بلدياتي اليڪشن ۾ امڪاني ڌانڌلين، پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور، پ پ جي باغي گروپ آزاد پينل جي اُميدوارن رئيس عبدالغني کوسو ۽ محمد رحيم کوسو جي اڳواڻي ۾ سندس حامين ۽ شهرين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد تاريخي ڌرڻو هڻي روڊ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ارباب انور ۽ پ پ جي باغي اڳواڻ رئيس عبدالغني کوسو چيو آهي ته پ پ وارن ڌانڌلين جي مڪمل پلاننگ ڪري ڇڏي آهي، پولنگون تبديل ڪيون ويون آهن، اسان جي اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو پيو وڃي، پ پ جا اڳواڻ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري پوليس گڏ کڻي اسان جي اُميدوارن کي اغوا ڪري هٿ زوري هٿ کڻائي رهيا آهن، ننگرپارڪر ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي،پوليس ڪوڙن ڪيسن عيوض اسان جي ووٽرن کي تنگ ڪري رهي آهي، اسان جي صبر جو غلط فائدو ورتو پيو وڃي،اڄ هتان جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ماڻهو پ پ مان مڪمل تنگ آهن، هُو تبديلي چاهين ٿا، ماڻهن کي ڏسي پيپلا بوکلائجي ويا آهن ۽ هُو انتقام واري سياست تي لهي آيا آهن، اسان جو مطالبو آهي ته ٿر جون پولنگون 2018ع واريون ساڳئي بحال ڪيون وڃن، پولنگن تي فوج ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي، فوج جي نگراني ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي، هنن چيو ته اسان 24 جون تي سمورين آر اوز آفيسن جو گهيراءُ ڪنداسين ۽ ڌرڻا هڻي عملي کي پولنگن تي وڃڻ کان روڪنداسين، اسان هن طريقي سان ڌانڌليون ڪرڻ نه ڏينداسين، ٿر پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي آهي،پوليس ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، يوسي هاڙو جي آزاد اُميدوار کي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي اغوا ڪري زوري رٽائر ڪيو آهي، اڄ اُهو آزاد اُميدوار پاڻ بيان ڏئي رهيو آهي ته مونکي زوري اغوا ڪري نشو پياري ورغلايو ويو آهي، هن معاملي جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گُهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.