مهانگائي خلاف سکر شهدادڪوٽ ۽ ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ جا مظاهرا

ڪراچي/ سکر (نمائندا) مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سڏ تي سکر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، شھدادڪوٽ ۾ مهانگائي خلاف پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ناھيد کھاوڙ، حاجي خان ڀٽو،  مبين مگسي، جان بروھي، عزيز جمالي، غيبي پندراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي جلسو ڪيو، جنهن ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ حيات تونيو، قوم پرست اڳواڻ ڪامريڊ حبدار ميرجت، پ پ (شھيد ڀٽو ) اڳواڻ وزير کوسو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي تي ن ليگ حڪومت مٿان ڇتي تنقيد ڪئي. ميھڙ ۾ عمران خان جي سڏ تي اڳوڻو سينيٽر پي ٽي آءِ اڳواڻ صداقت علي جتوئي، ڪبير خان جتوئي، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر، سردار مظھر خان جھتيال، ايوب کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ باءِ پاس کان ٻيٽو چوڪ گھنٽا گھر ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مارچ ڪيو ويو ۔ جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مھانگائي سبب غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي، امپورٽيڊ حڪمران آمريڪي غلامي ۾ ڦاٿل آھن جيڪي آمريڪا جي مرضي کان سواءِ ڪجھه به نٿا ڪري سگھن، جن آءِ ايم ايف کان قرض کڻي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو اٿن، جيڪڏهن ملڪ نٿا ھلائي سگھن ته استعيفيٰ ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.