فواد چوڌري جي نئين آکيري يا پراڻي وڏي گهر واپسي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد  چوڌري هڪ ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران خان جلد بازي ۾ فيصلا ڪندو آهي. ان ڪري هينئر تائين اسان ڪا وڏي ڪاميابي ماڻي نه سگهيا آهيون. ڇو ته اقتدار مان لهڻ شرط عمران خان اڳرائيءَ  جي راهه تي هلي پيو ۽ سمورا پتا وقت کان اڳ کيڏي ويو. اهي پتا جيڪي بلڪل آخر  ۾ کيڏڻا هئا اهي به کيڏي چڪو، پنجاب جي صورتحال تي هن چيو ته پرويز الاهي جي ڪا حڪمت عملي آهي ئي ڪونه ته ڪهڙي حڪمت عملي تي ڳالهائجي، صحافي گوهر بٽ ان تي تبصرو ڪندي چيو ته فواد چوڌري، شيخ رشيد ۽ ڪجهه ٻيا هوائن جي رخ تي هلڻ وارا آهن، محسوس ايئن ٿو ٿئي ته فواد چوڌري يا ته ڪو نئون آکيرو هٿ ڪيو آهي يا وري هوا گهلڻ جي انتظار  ۾ پنهنجي پراڻي ٺڪاڻي وڏي گهر وپاسي جو فيصلو  ڪري چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.