ڊيره الهيار: مندراڻي پوليس چيڪ پوسٽ تي هٿياربند جي فائرنگ ،2 اهلڪار شهيد

ڪوئٽا (م ڊ) ڊيره الهيار ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن مندراڻي پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار موقعي تي شهيد ٿي ويا. هٿياربند فائرنگ ڪندا موقعي تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ملزمن جي گرفتاري لاءِ پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪئي آهي. پوليس مطابق ڪالهه آچر ڏينهن جعفر آباد ضلعي جي علائقي قيدي شاخ لڳ موٽر سائيڪل سوارن جي پوليس چوڪي تي موجود اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ملزم واقعي واري هنڌان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار مور بهراڻي ۽ بابل ڪنڊراڻي شهيد ٿي ويا، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز شهيد رحيم بخش مري پوليس لائين ڊيره الهيار ۾ ادا ڪئي وئي. جتي شهيد پوليس اهلڪارن کي سلامي پيش ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي نصير آباد عبدالحئي بلوچ، ايس ايس پي جعفر آباد جواد طارق، ڊپٽي ڪمشنر جعفر آباد رزاق خان خجڪ سميت پوليس اهلڪارن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

  • ڀارت ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو تعداد 32 ٿي ويو

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي رياستن آسام ۽ ميگهاليه ۾ جاري برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 32 ٿي ويو آهي. ترڪ ميڊيا ڀارتي رياستي موسميات  کاتي  جي حوالي سان ٻڌايو آهي، ته رياست آسام جي 28 تعلقن ۾ جاري تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 13 ڄڻا فوت ۽ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته رياست ميگهاليه ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان جاري برسات کان پوءِ پيدا ٿيل بوڏ سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 19 ٿي ويو آهي. ريسيڪيو ٽيمون متاثر علائقن مان هڪ لک 8 هزار 104 ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪيو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ آسام جي وڏي وزير همانتا بسواشرما کي چيو آهي ته هو آسام جي عوام جي سلامتي لاءِ دعاڳو آهي.

  • افغانستان ، داعش گوردواري تي حملي جي ذميواري قبول ڪري ڇڏي

ڪابل(م ڊ) داعش افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ سکن جي گوردواري تي ٿيل حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي، ميڊيا رپورٽن انتها پسند داعش تنظيم  پنهنجي ٽيلي گرام چينل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڇنڇر تي ڪابل ۾ هندن ۽ سکن کي نشانو بڻائڻ لاءِ حملو ڪيو ويو هو ان مقصد لاءِ داعش صبح جو سوير گوردواري کي نشانو بڻائڻ جي پلاننگ ڪئي جنهن دوران هڪ ويڙهاڪ گوردواري جي محافظ کي مارڻ کانپوءِ گوردواري ۾ اندر داخل ٿيو ۽ اتي موجود ماڻهن کي هينڊ گرينڊ ۽مشن گن سان نشانو بڻايو  جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ماڻهو ٿڏي تي فوت  ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، واضع رهي ته داعش ان حملي کي ڀارت ۾ بي جي پي جي انتها پسند هندو اڳواڻن پاران توهين رسالت جي ٻن ڌار ڌار واقعن جو رد عمل قرار ڏنو آهي

  • سعد رفيق لاهور جهاز سان پکي ٽڪرائڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو

لاهور(م ڊ) لاهور ايئرپورٽ تي جهاز سان پکي ٽڪرائڻ واري واقعي جو هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق نوٽيس ورتو. ڪالهه  لاهور ايئرپورٽ تي هنگامي اجلاس منعقد ڪري هن فوري طور قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. هن چيو ته برڊ هٽ لاءِ فوري لائحه عمل جوڙڻ جي اشد ضرورت آهي. مسافرن ۽ جهاز جي حفاظت تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. انساني جانين جي حفاظت سڀ کان مقدم آهي، مون سون جي سيزن ۾ زمين مان نڪرندڙ  حشرات الارض جي خاتمي لاءِ ڪيميڪل جو استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته دنيا ۾ پکين کان بچاءَ لاءِ رائج جديد ترين ٽيڪنالاجي کي پاڪستان ايئرپورٽس تي پڻ لاڳو ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.