خرم دستگير جي انٽرويو نوان سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته عمران خان وٽ پنهنجي اقتدار کي 15 سالن تائين ڊيگهه ڏيڻ لاءِ مخالف جماعتن  جي قيادت کي نااهل قرار ڏيارڻ جهڙا ” فاشسٽ منصوبا“ هئا، ڊان اخبار مطابق هن دعويٰ ڪئي ته کيس اطلاع هو ته عمران خان پارٽي صدر شهبازشريف، احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي سميت مخالف پارٽين جي سموري قيادت کي هلندڙ سال جي آخر تائين نااهل قرار ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن الزام هنيو ته اهو نظر اچي رهيو هو ته اڳوڻو وزيراعظم طاقت جي زور تي اپوزيشن جي پوري قيادت کي ڪلين سوئيپ ڪرڻ چاهي پيو، هن چيو ته عمران خان اهو به اعلان ڪيو ته هن جي سياسي مخالفن خلاف ڪيس تيز ڪرڻ لاءِ 100 ججن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، اڄ مشڪل وقت آهي پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن ملڪي معيشت تي ڳالهه ٿي رهي هئي ته جمهوريت، وفاق ۽ حڪمراني جا مسئلا هئا ۽ انهن سمورن پهلوئن کي وڏي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري هو، ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٽي وي شو جو ڪلپ پوسٽ ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي حيدر زيدي چيو ته ” دل جي ڳالهه زبان تي اچي وئي!خرم دستگير کليل دل سان اعتراف ڪيو ته عمران خان جي حڪومت کي سازش ذريعي هٽايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.