مشرف جو علاج پاڪستان ۾ دستياب ناهي: خاندان

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر آمر پرويز مشرف جي خاندان جو  چوڻ آهي ته مشرف جو علاج پاڪستان ۾ دستياب نه آهي، مشرف جي  پاڪستان واپسي ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ذريعن پاران رابطو ڪيو ويو آهي،  مشرف جي ٽوئيٽ اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان اسان جو گهر آهي، رابطا ڪندڙن جا شڪرگذار آهيون، مشرف جي خاندان جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف جي گهرڀاتين کي اهم طبي، قانوني ۽ حفاظتي چئلينجن تي غور ڪرڻو پوندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.