ڪراچي اتحاد تائون ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ شخص قتل، ٻيو زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اتحاد ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ واقع مدني مسجد بلاڪ 6 واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو. خبر موجب اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ رحمت الله پٽ حميدالله مارجي ويو جڏهن ته 25 ورهين جو سميع الله پٽ عبدالله زخمي ٿي پيو. هٿياربند واردات بعد آساني سان فرار ٿي ويا. پوليس لاش ۽ زخميءَ کي سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.