اسلام آباد(م ڊ) ارسا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو بحران ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، ارسا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تازين برساتن کانپوءِ درياهن ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ ٿي رهي آهي، تازي صورتحال بعد تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 16هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، منگلا ۾ 33 هزار 400 ڪيوسڪ اضافي پاڻي ڇوڙ ٿيو آهي، چشما بئراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 27 هزار ڪيوسڪ ٿي وئي آهي، ارسا ذريعن موجب ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جو بحران ختم ٿي ويندو.