بلوچستان ۾ بي ايل ايف جا 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(م ڊ) بلوچستان جي مڪران واري جابلو علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن، ان حوالي  سان آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ بلوچستان لبريشن فرنٽ بي ايل ايف جا 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن، اهي دهشتگرد فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب فورسز بلوچستان ۾ امن امان ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.