ڇاڇري ۾ ڊاڪٽرياڻي ويم آپريشن دوران ٻار کي عورت جي پيٽ ۾ ڪهي ڇڏيو، ڌڙ ڪڍي سسي رهائي ڇڏي

مٺي/ڇاڇرو (رپورٽ: غازي بجير/يعقوب بجير) ڇاڇري ۾ خانگي اسپتال ۾ ويم آپريشن دوران ٻار کي عورت جي پيٽ ۾ ڪهي  ڇڏيو، ٻار جو رُڳو ڌڙ ڪڍي سسي پيٽ ۾ رهائي ڇڏي، ڊاڪٽرن پاران علاج کان انڪار، عورت مٺي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ دربدر، ڇاڇري ڀرسان ڳوٺ ليرڙيا واسي پورهيت ڌرمون ڀيل پنهنجي گهرواري ملوڪان ڀيل کي ڊليوري لاءِ ڇاڇرو جي خانگي لو اينڊ ٽرسٽ اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرياڻي ۽ ٻئي عملي ڊليوري دوران غلط آپريشن ڪري عورت جي پيٽ مان ٻار کي اڌ ڪري رُڳو ڌڙ ڪٽي ٻاهر ڪڍي ڏنو، ٻار جي سِسي عورت جي پيٽ ۾ رهجي وئي، جنهن بعد ڊاڪٽرياڻي ٻار جي سسي ڪڍڻ بدران علاج کان جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ وارث عورت کي مٺي بعد ۾ حيدرآباد کڻائي ويا، حيدرآباد اسپتال ۾ ڊاڪٽرن عورت جو وري آپريشن ڪري ٻار جي رهيل سِسي ڪڍي ورتي، عورت جي مڙس دانهيندي ٻُڌايو ته لو اينڊ ٽرسٽ اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي غلط آپريشن ڪري گهرواري جي پيٽ اندر موجود ٻار کي ڪٽي ڇڏيو، جنهن سبب ٻارڙو پيٽ ۾ مري ويو، اسپتال عملي ٻار جو رُڳو اڌ ڌڙ ڪڍي اسان کي چيو ته ٻيو ٻار عورت جي پيٽ ۾ آهي، اسان علاج نه ٿا ڪري سگهون، هنن علاج کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، ٻار جي سسي عورت جي پيٽ ۾ رهجي وڃڻ ڪري عورت جي انتهائي خراب حالت ٿي وئي، اسپتال جي انتظاميا آپريشن ڪري سندس زندگي بچائڻ بدران اسان کي چيو ته ٻيو ٻار عورت جي پيٽ ۾ آهي، مٺي سول اسپتال کڻي وڃو، اسان کي مٺي روانو ڪري ڇڏيو، مٺي جي ڊاڪٽرن واري حيدرآباد اماڻيو جنهن بعد اسان مٺي کان ٽيڪسي ذريعي ايمرجنسي ۾ حيدرآباد جي سول اسپتال پهتاسين، جتي ڊاڪٽرن آپريشن ڪري ٻار جي سسي ڪڍي عورت جي زندگي بچائي آهي، عورت جي مڙس ڌرمون ڀيل ۽ وارثن چيو ته صحت کاتو سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺي غفلت ڪندڙ لو اينڊ ٽرسٽ اسپتال ڇاڇرو جي انتظاميه خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪري، اسپتال انتظاميا اسان جي ٻار جو خون ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

  • ڇاڇرو واقعي جو سيڪريٽري صحت پاران نوٽيس، جاچ جو حڪم

ڇاڇرو: خانگي اسپتال ۾ غلط آپريشن دوران ڳورهاري عورت جي پيٽ ۾ ٻار جو ڌڙ ۽ سِسي الڳ ٿيڻ واري واقعي جو سيڪريٽري صحت  سختي سان نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او ٿرپارڪر کان ٻن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جنهن بعد ڊي ايڇ او ٿرپارڪر گريش ڪمار پاران واقعي جي جاچ لاءِ سول سرجن مٺي ڊاڪٽر زاهد محمود جي اڳواڻي ۾ ٽي رُڪني انڪوائري ٽيم جوڙي ورتي آهي، جانچ ٽيم ۾ ڊاڪٽر موهني ۽ ڊاڪٽر ليکراج شامل آهن، انڪوائري ٽيم ٻن ڏينهن اندر جاچ ڪرڻ بعد رپورٽ ڊي ايڇ او حوالي ڪندي، ڊي ايڇ او واري سيڪريٽري کي موڪليندو.

  • اسپتال ۾ ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا، 2 سال اڳ ڌڪا ڏئي ڪڍيل عورت اسپتال ٻاهران ٻار کي جنم ڏنو

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي خانگي اسپتال ۾ ڪيترائي  مسئلا سامهون اچي چُڪا آهن، اسپتال ۾ ٻه سال اڳ ساڳي طرح ڊاڪٽرياڻي بي حسي جو مظاهرو ڪندي ڊليوري لاءِ آيل ڳوٺ جنجهي واسي ڳورهاڙي عورت کي به ڊليوري ڪرڻ بدران ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو ڇڏيو هو، جنهن بعد عورت جي ڪورين اسپتال جي ٻاهر جهنگ ۾ گڏ آيل عورتن پنهنجون چادرون پاسن کان ٻڌي  ڊليوري ڪرائي هئي، ان باوجود صحت کاتي طرفان ان غير ذميواري جو ڪو به نوٽيس نه ورتو هو، جنهن بعد هينئر هي ٻيو واقعو پيش آيو آهي.

  • اسپتال ۾ عام ماڻهو کي اندر اچڻ نه ٿو ڏنو وڃي، دانهڻ تي تذليل ڪئي وڃي ٿي: رهواسي

ڇاڇرو: خانگي اسپتال جي سيڪيورٽي انتهائي سخت هجڻ ڪري ڪنهن به عام ماڻهو کي اندر اچڻ نه ٿو ڏنو وڃي، اعتراض ۽ شڪايت ڪندڙن کي گارڊن هٿان تذليل جو نشانو بڻايو ويندو آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڄاڻايل اسپتال جو انتظامي سسٽم ڪنهن غيرملڪي اداري وٽ هجڻ ڪري هُو هر قانون کان آجا آهن، اسپتال عملو به غير مقامي هجڻ ڪري هُو معاملن کي لڪائي ڇڏيندو آهي.

  • خانگي اسپتال ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب عورت جي ٻانهن خراب ٿي

ڇاڇرو: ڳوٺ راڻو تيجو واسي عورت کي ڏيڍ سال اڳ ساڳئي خانگي اسپتال ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳائي وئي، جنهن سبب عورت جي ٻانهن خراب ٿي وئي هئي، عورت سلمي کي غلط انجيڪشن لڳائي وئي هئي، جنهن تي به ذميوار ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي.

  • اسپتال ميڊيا لاءِ به نوگو ايريا بڻيل، انتظاميا فون کڻڻ جي به زحمت نه ٿي ڪري!

ڇاڇرو: ڄاڻايل اسپتال مقامي ميڊيا جي لاءِ به  نوگو ايريا بڻيل آهي، اسپتال جي انتظاميا ۽ عملو واقعن توڙي مسئلن بابت ميڊيا کي ڄاڻ ڏيڻ بدران فون کڻڻ جي به زحمت ناهي ڪندو، صحافين جي اسپتال اندر ۽ ٻاهر ڪوريج تي به مڪمل طور تي پابندي مڙهيل آهي، جنهن سبب صحافين کي اندر داخل ٿيڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.