عارف علوي ملڪ جو صدر يا عمران جو وفادار سپاهي !

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي صدر عارف علوي هڪ ڀيرو  ٻيهر پاڻ کي عمران خان جو سچو سپاهي ثابت ڪرڻ لاءِ  گڏيل پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانوني بل تي صحيح کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ناليواري صحافي معظم فخر ڄاڻايو آهي ته ڪجهه وقت  اڳ گڏيل پارليامينٽ چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪري صدر ڏانهن صحيح لاءِ اماڻيو هو پر  صدر عارف علوي اعتراض لڳائي واپس ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ٻيهر اهو بل گڏيل پارليامينٽ منظور ڪري ورتو ۽ صدر ڏانهن صحيح لاءِ اماڻيو، قانون موجب هاڻي صدر صحيح نه به ڪندو تڏهن به اهو لاڳو ٿي ويندو. ان جو اعتراف ڪندي صدر عارف علوي اعتراض لڳائي واپس  ڪيو ته ڄاڻان ٿو منهنجي صحيح نه ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو ۽ قانون لاڳو ٿي ويندو، پر  ڇاڪاڻ ته چونڊ سڌارن واري بل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جونڪتو شامل نه آهي جنهن جو آءُ  هر فورم تي وڏو وڪيل ۽  حامي رهيو آهيان ، ان ڪري هن بل تي ضمير صحيح جي اجازت نه ٿو ڏئي، صدر عارف علوي  اهو نوٽ هڻي وري واپس ڪري ڇڏيو. صحافي معظم فخر موجب ته عارف علوي ملڪ جو آئيني صدر نه پر اڄ  به پاڻ کي عمران خان جو وفادار سپاهي سمجهي ٿو ۽ ثابت به ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.