لاهور (عوامي آواز نيوز) فوج جي سپهه سالار قمر جاويد باجوه ملازمت مدي ۾ هڪ سال واري آڇ قبولڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي ، نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته هفتو اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري فوجي سربراهه سان ملاقات ڪري کيس آڇ ڏني هئي ته اوهان بابت مختلف افواهه اڳڪٿيون، پروپيگنڊا ۽ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلي رهيا آهن، ان جو هڪ ئي حل آهي ته اوهان جي ملازمت مدي ۾ سال واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، ان سان افواهن ۽ پروپيگنڊا جو انت به اچي ويندو ۽ اتحادي حڪومت جو به اوهان جي موجودگيءَ ۾ اعتماد وڌي ويندو ۽ اوهان سان گڏجي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ اڳتي وڌي سگهبو، ذريعن موجب فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ملازمت مدي ۾ واڌ وٺڻ کان معذرت ڪئي ۽ اداري طرفان حڪومت کي سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته نئين آرمي چيف جو نالو ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس طئه ڪندي.