ڪراچي مان بلوچ نوجوان کنڀڻ جو سلسلو تيز، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو احتجاج

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ بلوچ نوجوانن جي جبري گمشدگي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مختلف علائقن مان ڪيترائي بلوچ نوجوان  حراست ۾ وٺي لاپتا ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ٻئي پاسي هڪ ڀيرو ٻيهر گم ڪيل ماڻهن جا وارث به روڊن تي نڪري آيا آهن، ڪراچي ۾ احتجاج دوران سنڌ حڪومت، سي ٽي ڊي خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ٿاڻي هلو يا لاڙڪاڻي هلو جا نعرا به بلند ٿي ويا، احتجاج بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ڪراچي پاران آرگنائز ڪيو ويو،ڪراچي جي آرگنائزر آمنه بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ۾ عورتن، ٻارن سميت وڏي انگ ۾ بلوچ شرڪت ڪئي، گم ڪيل ماڻهن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي آمنه بلوچ چيو ته ڪراچي جي علائقي سنگهور پاڙا ماڙيپور مان ٽن نوجوانن کي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار حراست ۾ وٺي کنڀي ويا آهن، جن ۾ علي ولد بخشي، اصرار ولد انور عمر ۽ نواز علي ولد ناصر شامل آهن، اهڙي طرح ماڙيپور جي علائقي دلفلاح آباد جي علائقي مان محمد عمران ولد محمد حنيف کي لاپتا ڪيو ويو،ا هڙي طرح ملير مان سعيد ولد محمد عمر کي سي ٽي ڊي ۽ سيڪورٽي فورسز گهر مان کنڀي ڇڏيو،سعيد احمد جو تعلق ڪچي جي علائقي دشت ڪڊان سان آهي، هن چيو ته نوربخش ولد حبيب کي ڪراچي جي علائقي رئيس ڳوٺ مان کنڀيو ويو، هن جو تعلق مڪران ڊويزن سان آهي، آمنه بلوچ چيو ته سنڌ ۾ اسان جا بيشمار نوجوان ۽ بزرگ سيڪيورٽي ادارن جي قيد ۾ آهن، هڪ نه ٻئي ڏينهن مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن، عورتن ۽ ٻارن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، آمنه بلوچ ڪراچي ۾ بلوچ آبادين کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته انهن کي هر بلوچ دهشتگرد نظر اچي ٿو، انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو آهي ته ڪراچي ۾ بيگناهه نوجوانن کي لاپتا ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي، ڊپٽي آرگنائزر نذر لاله وهاب بلوچ سنڌ حڪومت کي وفاقي سيڪيورٽي ادارن جي سرپرستي ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو قبلو درست ڪري، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ لاپتا ٿيندڙ بلوچ نوجوانن جي بازيابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس ۽ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ جو آئيني ۽ قانوني حق رکون ٿا، هن وفاقي حڪومت ۾ شامل بلوچستان سان تعلق رکندڙ سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي روئي تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انهن کي رڳو پنهنجو اقتدار پيارو آهي، ان موقعي تي لاپتا اصرار جي والد انور عمر، لاپتا سعيد بلوچ جي ڀاءُ وليد رند، لاپتا عمران جي والده، ميران ناڪه لياري مان لاپتا شوڪت جي والده، لاپتا عبدالحميد زهري جي ڌيءُ سعيد حميد، سياسي سماجي اڳواڻ ڪوثر بلوچ، ڊاڪٽر فقير محمد سنگهور ۽ ٻين به خطاب ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.