اسرائيل سان واپار بابت بيان تي سليم مانڊي والا جو يوٽرن

اسلام آباد(م ڊ) پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي، اسرائيل کي تسليم ڪرڻ يا ان سان واپار ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪريان، هن چيو ته منهنجو مقصد هرگز اهو نه هو ته اسرائيل سان لاڳاپا  وڌايا وڃن يا واپار ڪيو وڃي، اسرائيل بابت منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسرائيل بابت پاڪستان جي پاليسي ۽ پ پ جو موقف واضح آهي، منهنجو واضح موقف آهي ته اسرائيل کي تسليم نه ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.