پ پ وارا اسان کي ووٽ لاءِ نه اچن، ڪوٽڏيجي جي ڳوٺاڻن پاران ووٽ جو بائيڪاٽ

ڪوٽڏيجي( رپورٽ ثناء الله بگٽي )  ڪوٽڏيجي جي يوسي ديھ سوهو جي وارڊ 2 مٺڻ فقير ڪانڌڙو جي مختلف ڳوٺ جنهن ۾ ڳوٺ عزت ماڇي، ڳوٺ صدرالدين شر، ڳوٺ علي محمد سوھو، ڳوٺ مزار خان اڄڻ، ڳوٺ امام  ڏنو سولنگي جي رهواسين  رياض شر، نواز علي شر، ديدار اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي  پيپلز پارٽي کان مڪمل لاتعلقي ڪري ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن وٽ هاڻي صرف ڪوڙ ۽ ڌوڪي جي سياست بچي آهي ماڻھن کي ڪوڙا دلاسا ڏئي گمراه ڪري رهيا آهن اسان 15 سالن کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا ٿا اچون اسان جي ڳوٺن ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ڪو نه ٿيو آهي روڊ رستا، گئس  بجلي سميت ڪا به سھولت  ناهي ڏني وئي ان کان علاوه بجلي جي 11 هزار وولٽيج جون تارون اسان گهر مٿان گذري رهيون آهن جنهن سبب اسان جون حياتيون داع تي لڳل آهن ۽ هر وقت خوف رهي ٿو ڪيترائي ڀيرا پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي شڪايتون ڪيون پر هر ڀيري ڪوڙا دلاسا ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن پر هن مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ کان بائيڪاٽ ڪيون ٿا هاڻي پيپلزپارٽي جا اميدوار اسان ڏي ووٽ وٺڻ لاء نه اچن ته بھتر رھندو.

  • ٺل ۾چونڊ چهچٽو، عوام ڀوتارن مان بيزار آهي: حامد گولو

ٺل (رپورٽ : سيد زين شاھه ) ٺل ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان جتي ميونسيپل ڪاميٽي ٺل جي وارڊن ۾ سردارن ۽ ڀوتارن پنهنجي اميدوارن جي شڪست ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي شھر جون پولنگون  پنهنجي ڳوٺڻ ۾ منتقل ڪرائي  ڌانڌلي جي شروعات ڪري ڇڏي آھي۔ان سلسلي ۾ ٺل ميونسيپل ڪاميٽي وارڊ نمبر هڪ ۽ ڏھ جي جي۔يو۔آئي۔پاران نامزد ڪيل مضبوط اميدوار صحافي حامد گولو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڀوتار عوام کان ووٽ وٺي ڪامياب ٿي وڏن شھرن ڏانهن هليا ويندا هئا.  ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائي ۽ عوام سان ڪيل واعدا وساري انهن جي پيسن تي عياشون ڪرڻ تي سندس عوام بيزار ٿي ڀوتارن کي رجيڪٽ ڪيو ته ڀوتار پنهنجي شڪست ڏسي ٺل جي وارڊ ڏھ جون پولنگون موسیٰ واھ۔قادر داد نوناري ۽ سلطان سرڪي جون پولنگون آر۔او ۽ ڊي۔آر۔او جي ملي ڀڳت سان ڀوتارن شھر کان 5.6 ڪلوميٽر پري پنهنجي ڳوٺن ۾ منتقل ڪرائي ڌانڌلي جي شروعات آھي۔هن چيو ته پولنگون ساڳي هنڌ واپس ڪرائڻ لاء اهڙي ڪمپلينٽ سيشن جج صاحب۔ڊي۔سي جيڪب آباد ۽  پنهنجي جميعت جي قائدين کي ڪئي ليڪن عملدارن هائي ڪورٽ لاء چيو جڏهن مان هائي ڪورٽ لاڙڪاڻي ويس ته جج صاحبان 26 تاريخ تائين موڪل تي ويل هئا۔ پولنگون ساڳي جاء تي ڪيئن  واپس ٿينديون۔هن چيو ته ڀوتار عوام کان پنهنجي شڪست کي لڪائڻ ۽ پنهنجي اميدوارن کي کٽرائڻ لاء پولنگون تبديل ڪرايون آھن ٻيو ته پنهنجا من پسند پرزائيڊنگ آفيسر ۽ عملو رکرائي پنهنجي مرضي جي رزلٽ وٺڻ لاء پروگرام رٿيو آھي۔هن چيو ته ڀوتار پنهنجي ماڻھن کي چيو آھي ته جيڪڏهن مخالف اميدوار حامد گولو پولنگ تي اچي ته ان مٿان حملو ڪيو۔هن چيو ته مون کي سردارن ۽ ڀوتارن کان جان جو خطرو آھي جيڪو به مون کي نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار منهنجو مخالف سردازاده بئريسٽر زوهيب خان سرڪي هوندو۔ هن هائي ڪورٽ لاڙڪاڻو۔ڪمشنر صاحب لاڙڪاڻو کان گهر ڪئي آھي ته پولنگون ساڳئي هنڌ واپس ڪري ڏنيون وڃن۔ ۽ هن ايس۔ايس۔پي۔جيڪب آباد ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مون کي جان جو خطرو آھي سيڪورٽي ڏيئي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • پيپلز پارٽي سنڌ ۾ بادشاھي نظام چاھي ٿي: امام بخش ڦلپوٽو  

خيرپور (س ر) خيرپور مسلم ليگ فنڪشنل تعلقي خيرپور جي صدر حاجي امام بخش ڦلپوٽو چيو آھي ته  مهانگائي عوام جي چيلهه ڄٻي ڪري ڇڏي آهي،هن چيو ته امپورٽيڊ حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي،جنهن سبب عوام تمام گهڻو پريشان آهي،جي ڊي اي  جا اميدوار بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪندا،هن چيو ته سندس جي 14 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊ پيپلز پارٽي جي سنڌ سان ٻي اکيائي آھي . پيپلز پارٽي سنڌ ۾ بادشاھي نظام جي جوڙجڪ چاھي ٿي . اھڙن خيالن جو اظهار هن ڀرڳڙي محلي ۾ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 14 جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو،حاجي امام بخش ڦلپوٽو  چيو ته خيرپور ضلعي ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان اسان جا اميدوار بلدياتي چونڊ وڙھي رھيا آھن ۽ انشاءالله پ پ اميدوارن کي ٽف ٽائيم ڏئي مختلف تڪن تي ڪامياب ٿينداسين ، حاجي امام بخش ڦلپوٽو چيو ته خيرپور ۾ اليڪشن ڪميشن، آر او ، ڊي آر او پيپلز پارٽي جي بي نه پر اي ٽيم آھن ، جن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود اميدوارن کي انصاف نه پيو ملي ، حاجي امام بخش ڦلپوٽو چيو ته خيرپور جي مختلف تڪن ۾ اڪثريت واري برادرين ، اثر اسوڪ رکندڙ سياسي تڪن کي ٽوڙي مروڙي انجنيئرنگ طريقي سان ووٽن جي هير ڦير ڪري زيادتيون ڪيون ويون آهن پر فتح هميشه حق ۽ سچ جي ٿيندي آهي ، هن چيو ته ميونسپل ڪميٽي خيرپورجي 29 وارڊن سميت خيرپور جي مختلف تڪن تي جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب ٿيندا.

  • چمبڙ جي يوسي ڄارڪي تي پ پ جي 4 اميدوارن تي اعتراض داخل

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) چمبڙ تعلقي جي يوسي ڄارڪي تي راڄوڻي اتحاد پاران پيپلزپارٽي جي 4 اميدوارن تي اعتراض داخل ڪرايا ويا آهن. جنهن ۾  راڄوڻي اتحاد جي عرفان علي آريسر پاران  پ پ جي ضلعي ڪائونسل جي اميدوار ياسر آفتاب بچاڻي خلاف داخل ڪرايل  اعتراض ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ياسر آفتاب بچاڻي تي  انٽرنيشل لون آهي ۽ ھن بئنڪ اڪائونٽ به اثاثن ۾ ناهن ڏيکاريا ويا. جڏهن ته سندس گهر واري جي نالي تي ايف بي آر وٽ رجسٽرڊ فيڪٽري پڻ لڪائي وئي آهي جيڪا پڻ اثاثن ۾ ظاهر ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته سندس ووٽ به ڪراچي ۾ داخل آهي. ٻئي پاسي راڄوڻي اتحاد جي فيصل نواز آريسر پاران يوسي ڄارڪي جي وارڊ نمبر 4 جي پ پ ڪائونسلر عنايت جسڪاڻي تي اثاثن ۾ پنج موٽر سائيڪلون ظاهر نه ڪرڻ خلاف اعتراض جمع ڪرايو ويو. جڏهن ته پ پ جي اميدوار باغي غلام محمد تي راڄوڻي اتحاد جي مظفر جسڪاڻي پاران سندس ڳوٺ جي بلن ۾ ڊفالٽر ڄاڻائي مٿس اعترض واريا ويا آهن . ان کان سواء پ پ يوسي ڄارڪي جي اميدوار صدام حسين آريسر تي راڄوڻي اتحاد جي اميدوار منظر دائوداڻي پاران اعتراض داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدام حسين آريسر ڪنڌ ڪوٽ ۾ داخل ايف آء آر جي ڪاپي پيش ناهي ڪئي ۽ بئنڪ اڪائونٽ کي به خفيه رکيو ويو آهي جيڪو اثاثن ۾ ظاهر ناهي ڪيو ويو. راڄوڻي اتحاد پاران اعتراض نالي واري وڪيل ولي محمد ٿيٻو معرفت داخل ڪرايا ويا آهن. جڏهن ته آر او چمبڙ 4 اميدوارن تي داخل ٿيل اعتراضن جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو سڀاڻي سومر ڏينھن ٻڌايو ويندو. ٻئي پاسي پ پ يوسي ڄارڪي جي اميدوار ياسر آفتاب بچاڻي ۽ شاهد صمد دائوداڻي چيو آهي ته يوسي ڄارڪي تي راڄوڻي اتحاد جا اميدوار چور دروازي کان اچڻ چاهين ٿا پر انهن جو اهو خواب پورو نه ٿيندو. هنن چيو ته اسان کان جيڪي شيون لکت ۾ گهريون ويون هيون اهي پيش ڪيون آهن. سڀاڻي فيصلو ايندو خبر پئجي ويندي. هنن چيو ته گذريل اليڪشن ۾ يوسي ڄارڪي تي پ پ 17 سئو ووٽن جي ليڊ سان ڪامياب ٿي هئي ۽ هن ڀيري 3 هزار جي ليڊ تان مخالفن کي شڪست ڏينداسين.

  • شهدادپور ۾ جي ڊي اي اميدوار جي حق ۾ پي ٽي آءِ اميدوار دستبردار

شھدادپور (رپورٽ: سجاد خاصخيلي) شھدادپور جي ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 3 تي جي ڊي اي جي مضبوط اميدوار  محمود علي وساڻ  جي حق ۾ پي ٽي آءِ جو اميدوار حسنين شاھ دستبردار ٿي ھٿ کڻي حمايت ڪري ڇڏي جي ڊي اميدوار محمود وساڻ جي ڪاميابي يقيني بڻجي وئي، ميونسپل ڪميٽي شھدادپور وارڊ نمبر 03 تي جي ڊي اي  اميدوار فقير محمود علي وساڻ  جي چاڪي پاڙي۾ ڪارنر ميٽنگ ۾ وارڊ نمبر 03 تي  پي ٽي آءِ اميدوار حسنين شاهه جي ڊي اي اميدوار محمودعلي وساڻ جي حق ۾ دستبردار ٿي ھٿ کڻي سندس حمايت ڪري چڏي. ان موقعي تي  ماهي خان وساڻ  فقير محمد علي وساڻ  پي ٽي آءِ سٽي شهدادپور صدر انور زئي  فقير  مراد علي ڀنڀرو دائود ڪليم وساڻ  عابد علي وساڻ  فاروق تنولي آصف ڌاريجو  ۽ ٻيا  معززين  پارٽي ورڪر  علائقي واسي ۽ حر جماعت وڏي انگ ۾ موجود ھئي

  • سلطان ڪوٽ ۾ ڪائونسلريءَ جو آزاد اميدوار هٿ کڻي ويو

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) سلطان ڪوٽ وارڊ نمبر 2 واحد آباد تان ڪائونسلر جي عهدي لاءِ نامزد آزاد اميدوار عبدالستار جعفري سردار زاده آغا عاشق  پٺاڻ جي پينل ۾ بيٺل پ پ ڪائونسلر عمران بروهي جي حق ۾ هٿ کڻي ويو. پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالستار جعفري چيو ته سردار زاده آغا عاشق  پٺاڻ سان ڪيترائي سال پراڻو عزت ۽ محبت وارو تعلق رهيو آهي ان ڪري پينل ۾ ڪائونسلر طور بيٺل عمران بروهي جي حق ۾ انهيءَ ڪري هٿ کنيو آهي، باقي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي وڌو ويو. ان موقعي تي آغا عاشق پٺاڻ جو چوڻ هو ته جعفري برداري جو نهايت شڪر گذار آهيان، جنهن مون کي مانُ ڏيندي پ پ ڪائونسلر عمران بروهي جي مقابلي ۾ واحد آباد جي وارڊ نمبر 2 تي بيٺل عبدالستار جعفري کان هٿ کڻائي ڀرپور طريقي سان موٽ ڏيڻ جو وچن ڪيو آهي.

  •  سوڀو ديرو ۾ چونڊ چهچٽو، اميدوارن جو ن  عوام ڏانهن ڊوڙون

سوڀو ديرو (ن ع آ) 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو جي اٺن وارڊن تي پ پ۔ جي ڊي اي ۽ آزاد اميدوارن سندرا ٻڌي ميدان ۾ لھي پيا پي پي جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ ۔ ايم پي اي احمد رضا شاھ المعروف پيارعلي شاھ جيلاني۔پ پ تعلقي سوڀوديرو جو صدر اعجاز احمد کھڙو ۽ جي ڊي اي جو ضلع خيرپور جو صدر سيد محرم علي شاھ۔ وڏيرو ديدار اوٺو۔ ايڊوڪيٽ عاشق علي شيخ۔ نورمحمد ڀاڳت پنھنجن پنھنجن اميدوارن کي کٽرائڻ لاء ميدان ۾ لھي پيا ٻنھي ڌرين ۽ آزاد اميدوارن پنھنجو ورڪ تيز ڪري ڇڏيو آھي بلدياتي اليڪشن وڙھندڙ اميدوار مختلف برادرين ۽ نيڪ مردن ۽ چڱن مڙسن جون حمايتون حاصل ڪرڻ لاء زور آزمائي ڪرڻ لڳا پ پ ۽ جي ڊي اي اڳواڻن کي سالن جو تعزيتون پڻ ياد اچي ويون رٺلن کي پرچائڻ جو سلسلو پڻ تيز ڪري ڇڏيو۔ پيپلزپارٽي گذريل بلدياتي چونڊن ۾ ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو جا 8 وارڊ ڪلين سوپ ڪيا ھيا ۽ اڪثريت سان کٽيا ھيا۔ھن دفعي صورتحال مختلف آھي پ پ جي ناراض يا جن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ملي آھي اھي اميدوار به پيپلزپارٽي جي اميدوارن سامھون بيھجي ويا آھن ۽ اطلاع آھن پيپلزپارٽي پاران اھڙن اميدوارن کي به ٽڪيٽون ڏنيون ويون آھن جيڪي ھڪ ته ٻئي وارڊ جا آھن ٻيو وڏو سبب اھي اميدوار پبلڪ سان ملڻ جلڻ يا غمي خوشي ۾ به تمام گھٽ اٿندا آھن۔جنھن جو فائدو جي ڊي اي ۽ آزاد اميدوار کڻڻ لاء ڀرپور ڪوششون ڪري رھيا آھن۔ جڏھن ته پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ۔ پ پ ايم پي اي سيد احمد رضا شاھ المعروف پيارعلي شاھ۔پ پ تعلقي سوڀوديرو جي صدر اعجاز احمد کھڙو پنھنجي سياسي بصيرت ۽ حڪمت عملي تحت ڪيترن آزاد اميدوارن پارٽي جي مخالفت ۾   بيھندڙ پنھنجن ماڻھن کي ڪافي حد تائين مطمئن ڪرڻ ۾ اسي سيڪڙو ڪاميابي ماڻي ورتي آھي ۽ جي ڊي اي جي اھم ماڻھن کي پاڻ سان ملائي پيپلزپارٽي ۾ شموليت پڻ ڪرائي جي ڊي اي اميدوارن کي وڏو ڌچڪو پھچايو آھي ۔ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو جي وارڊ 8 تي اصل مقابلو پ پ جي مير منصف علي ٽالپر ۽ جي ڊي اي جي غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ شھر جي مشھور سوشل ورڪر اسلم علي سھتو جي وچ ۾ ٿيندو.

  • ڄام فتاح جي پوزيشن مضبوط،پ پ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو

ڏهرڪي ريتي (رپورٽ:منصور پيرزادو+وجي ڪمارچاولا) .ايس ٽي پي چيئرمين  ڊاڪٽر قادر مگسي ڏهرڪي جي وارڊ نمبر 12 تي ايس ٽي پي جي ڄام فتاح سميجو ۽ وارڊنمبر 10 تي ميان وقار احمد جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي گلزار شر، ڄام معشوق ۽ ايس ٽي پي جي ٻين اميدوارن جي حمايت لاءِ  ڏهريڪي پهچي ويو، جتي اليڪشن ورڪ مهم هلائندي جلسو ڪوٺايو ويو.لسي کي خطاب ڪندي قادر مگسي چيو ته پيپلز پارٽي جي نالي ھيٺ زرداري ليگ سنڌ جي ھر اداري کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي،سنڌ جو ڪو به شھر اھڙو ناھي،جتي صحت، صفائي جو مسئلو نه ھجي. سنڌ جون يوسيز، ٽائون ڪاميٽيون، ميونسپل ڪاميٽيون ۽ ضلعي حڪومتون سردارن، ميرن ۽ ڀوتارن حوالي ڪري کين سنڌ تباھ ڪرڻ جو ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آھي.حالت اھا آھي جو سنڌ جو ھڪ ھڪ شھر گندگي جي ور چڙھيل آھي. سڄي سنڌ جي شھري علائقن ۾ نه روڊ نه رستا نه وري ڊرينيج جو مناسب سسٽم آھي. ڪروڙين سنڌين کان صاف ماحول ۾ رھڻ جو حق کسيو ويو آھي. ان ھوندي ھاڻي رينگٽ ڪيو پيو وڃي تي پ پ عوامي پارٽي آھي.  ھن چيو ته جيڪڏھن عوام سڄاڳ نه ٿيو ته حڪومتي ڌر ساڳين چھرن کي عوام تي مسلط ڪرڻ چاھي ٿي ان ڪري عوام کي ھن دفعي سوچي سمجھي ووٽ ڏيڻ گھرجي.

  • ننگرپارڪر جو آزاد اميدوار هٿ کڻڻ واري بيان تان ڦري ويو

ننگرپارڪر(رپورٽ:لياقت سمون) ننگرپارڪر جي يوسي هاڙو جي وارڊ نمبر 4 تي جنرل ڪائونسل جي سيٽ تي آزاد اُميدوار طور بيٺل جگسي  ڪولهي پ پ اُميدوار جي حق ۾ رٽائر ٿيڻ واري بيان تان فري ويو آهي ۽ ٻيهر آزاد پينل سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو آهي،جگسي ڪولهي پاران پ پ جي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي تي اغوا بعد يرغمال بڻائي شراب پيئارڻ بعد زبردستي هٿ کڻائڻ جو الزام هنيو آهي ۽ آزاد پينل جي اُميدوارن تي داخل ڪرايل ڪيس کان به لاتعلقي ڪئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ آزاد اُميدوار جگسي ڪولهي چيو آهي ته مونکي وزيراعلىٰ جي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولھي ڳوٺان زوري زبردستي اغوا ڪري ايم پي اي قاسم سومرو جي بنگلي تي آڻي سوائي ٺڪر جي حق ۾ دستبرادر ٿيڻ لاءِ آر او آفيس ۾ بيان ڏيارڻ بدران ايم پي اي جي بنگلي تي زوري بيان رڪارڊ ڪرايو آهي،مونکي زوري شراب پيئاري بيان ورتو ويو آهي،مون هٿ ناهي کنيو،هن چيو ته آزاد پينل جي اُميدوارن تي مون ڪيس داخل ناهي ڪرايو،ڪيس به ويرجي ڪولهي جي چوڻ تي پوليس داخل ڪيو آهي،جنهن سان منهنجو ڪو واسطو ناهي،آئون آزاد پينل سان گڏ آهيان.

  • ڪنڌڪوٽ ۾چونڊ چهچٽو، ڪانٽي جي مقابلي جا امڪان

    ڪنڌڪوٽ (رپورٽ ممتاز سنڌي )  بلدياتي اليڪشن جي تاريخ سولوايندي  مختلف مذهبي سياسي ۽ قوم پرست تنظيون ڪاميابي حال ڪرڻ لاء ورڪ تيزڪري ڇڏي آھي ڪنڌڪوٽ جي 16وارڊن مان چاربنامقابلي پ پ جا اميدوارڪامياب ٿي ويا باقي 8مونسپل ڪميٽي جي وارڊن ۾ اميدوارآمهوسامهون  وارڊنمبر 1ته اڳوڻو تعلقا چئيرمين راشدخان سندراڻي ۽ جي يو آءکان عمران خان تيغاڻي ۽ وارڊ2۾ به عمران خان تيغاڻي ۽ بشيرخان جي پٽ سان  جيڪو اڳ به وارڊ 2ته ڪامياب ٿيو هو عبدالطيف کوسو سان مقابلو ڪندووارڊ 4چارته پ پ جي اميدوارخان محمدسومرو سان فقير مير خان شيخ جيڪو پهريون ڀيرواليڪشن ۾ حصووٺي رهيو آھي هي آزاداميدوار آ  هن جي حمايت جي يوآء ۽ سردارتيغوخان تيغاڻي ميدان ۾ بيٺل آھي وارڊنمبر6ته پ پ طرفان آفتاب ڊال جکراڻي۽ جي يوآء ۽ تيغاڻي گورپ طرفان شبيراحمدکوسواميدوارپڻ ھوندو هت به وڏو مقابلو تئيڻ جوامڪان نظراچي پيو  وارڊنمبر10تي اڳ ۾ ڪامياب ٿيندڙاميدواراحسان علي ملڪ جيڪو هن ڀيري پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصووٺي رهيوآھي جڏهن ته هن جي مقابلي ۾ سنندس پنهنجي ملڪ برادي سان تعلق رکندڙ شوڪت ملڪ جنهن جو تعلق جي يو آء سان آھي هن وارڊ ۾ به دل چسپ مقابلي ٿيندو  هاڻ اچووارڊ11ته تي هت به  مقابلو پڻ نظراچي رهيوآھي پ پ جي طرفان اڳ ۾ ڪامياب ٿيندڙمشتاق خان چاچڙ ۽ جي يو آء طرفان حفيظ ربنوازچاچڙ جو پٽ اشفاق احمدچاچڙ اميدوارآ  هن وارڊ ۾ به وڏي مقابلي جوامڪان آھي ڇوته هت به پاڻ ۾ هڪ ئي برادري جا اميدوارآمهوسامهون آھن وارڊ 14 تي پ پ طرفان سنئيراڳوڻ جيڪو پ پ ضعلي جوصدر ۽ ايڊمنسٽررهي چڪو آھي مختياراحمدخان سهرياڻي ۽ هوڏانهن  سردارعابدخان سندراڻي جو سوئٽرجيڪو  جي يوآء جي طرفان اميدوار اقبال خان سندراڻي  هن وارڊ ۾ به عوام کي مقابلو ڏسڻ ۾ ايندو جڏهن تي وارڊ15۾ پ پ طرفان عباس ميراڻي ۽ جي يوآء طرفان حافيظ ربنوازجو پٽ سجادعلي چاچڙ سان آھي پرهن وارڊ ۾ جي يو آء جي سرسي نظراچي پئي هاڻ وارڊ 16تي به  هت وڏو مقابلونظراچي رهيوآھي  جي يوآء ۽ تيغاڻي گورپ جو گڏيل اميدوارسردارتيغيوخان تيغاڻي جو پٽ سردارزاده جهان خان تيغاڻي  جڏهن ته پ پ طرفان اڳ ۾ تعلقا چئيرمين رهندڙ راشدخان سندراڻي سان مقابلو ٿي رهيو آھي  هي وارڊسڀ وارڊن کان اهميت رکي پيو جڏهن ته ڏسڻ ۾ اچي پيو ته 8 مان ست وارڊن ۾ سخت مقابلاڏسڻ ۾ ظاهرآھن  ڪنڌڪوٽ جي 4 وارڊن جا اميدوارپ پ جا بنامقابلي ڪامياب ٿيا آھن وارڊ ۽ 12 13ته پ پ جا وارڊ  ۽8وارڊجماعت اسلامي جو هڪ اميدوار ۽ هن وارڊ پ پ جماعت اسلامي سان سيٽ ايجسٽمين ڪئي آهي  سامهون مقابلو نظرنه ٿو اچي.

     

  • وڏي وزير ۾ ضياءَ جو روح داخل ٿي ويو آهي: روشن ٻرڙو

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو چيو آهي ته وڏي وزير مراد شاهه ۾ ضياءَ جو روح داخل ٿي ويو آهي،  اسان آمرن آڏو به نه جهڪياسين، مراد شاهه جا ڪوڙا ڪيس اسان کي ڇا ڪندا؟ مراد شاهه آر او سيوهڻ ۽ پوليس کي پ پ جي سامهون چونڊ وڙهندڙ اميدوارن کي حراسان ڪرڻ، اليڪشن وڙهڻ کان روڪڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. ، اسان جي يوسي واهڙ جي وائيس چيئرمين جي اميدوار قادر نواز ٿيٻو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، 2022ع جي مڪاني چونڊ بدترين انداز ۾ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن قادر نواز کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڀاڻي ڀان ۽ سيوهڻ ۾ ڌرڻا هڻي ٿاڻن جو گهيراءُ ڪنداسين، مراد شاهه سميت ڪنهن کي به عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، ڀان سيدآباد ۾ ٻرڙا فارم هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته موجوده بلدياتي اليڪشن بدترين انداز سان ٿي رهي آهي، چونڊون مڪمل طور وڏي وزير جي هدايتن تحت ٿي رهيون آهن، وڏو وزير هتي اچي آر اوز ڊي آر اوز کي هدايتون ڏئي ويو آهي ته پ پ خلاف اليڪشن وڙهندڙ کي تنگ ۽ حراسان ڪيو وڃي ته جيئن هو پ پ جي لاءِ ميدان خالي ڪري وڃن، هن چيو ته آر اوز جي اليڪشن ٿي رهي آهي، ايس ڊي ايم سيوهڻ جيڪو آر او پڻ آهي ان اسان جا 8 وارڊن مان 4 وارڊن تان فارم رد ڪري ڇڏيا، سبب پڇيوسين ته ناراض ٿي پيو ۽ مون سميت پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ ايس يو پي جي 80 ڪارڪنن تي ڪيس ڪرائي ڇڏيو، گذريل رات واهڙ يونين ڪائونسل تي وائيس چيئرمين جي اميدوار قادر نواز ٿيٻو کي پوليس ذريعي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هو دل جو مريض آهي، پوليس کيس ذهني ٽارچر ذريعي حراسان ڪري رهي آهي، هن چيو ته ههڙي اليڪشن ڪرائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ عوام کي سياست ۽ ووٽ تان ويساهه کڻائڻ جي سازش آهي، تجويز ۽ تائيد ڪندڙن تي ايف آءِ آرز داخل ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته مراد شاهه ۾ ضياءَ جو روح داخل ٿي ويو آهي، اسان آمرن سان مهاڏو اٽڪايو آهي مراد شاهه جي ڪوڙن ڪيسن ۽ سرڪاري مشينري کان ڊڄڻ وارا ناهيون، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران مقررين ۽ بدلين تي بندش باوجود سيوهڻ ۽ ڀان سيدآباد ۾ من پسند ايس ايڇ اوز مقرر ڪري کين پ پ مخالف اميدوارن ۽ عوام جون وفاداريون تبديل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جيڪي پوليس عملدار سياسي ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجو قبلو درست ڪن، اسين آمرانه انداز کي رد ٿا ڪريون، ظلم خلاف بيهي مقابلو ڪنداسين، ڪنهن کي به عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سيوهڻ تعلقي ۾ 1400 کان مٿي اميدوار بيٺا آهن، جيڪا پ پ سان نفرت ۽ بيزاريءَ جو چٽو ثبوت آهي، ان موقعي تي درياءُ خان لغاري، علي اصغر سولنگي، اصغر شاهاڻي، محمد صفر ڀنڊ، اياز سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • يو سي چارو ۾ اليڪشن ۾ وڏا بت ڪيرائينداسين: پي ٽي آءِ اميدوار

فريدآباد  ( ن ع آ) يونين ڪائونسل چارو جي پي ٽي آء پليٽ فارم تي نامزد اميدوار چيئرمين محمد جڙيل چانڊيو  ـ وائيس چيئرمين ديدار علي چنو ـ ضلعي ميمبر مظھر سولنگي ـ جنرل ڪائونسلرن ۾ محمد اسماعيل رند ـ پيارعلي چانڊيو  صداقت چنو مختيار چانڊيو نثار احمد چانڊيو  عبدالرسول سولنگي اظھار سولنگي ممتاز علي ٻگھيو  نيشنل پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته يو سي چارو ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ وڏا بت ڪيرائينداسين ـ يوسي چارو جي ڳوٺن ۾ پيور سي سي بلاڪ ـ روڊ رستا ناھن ـ عوام کي پئيڻ جو پاڻي ملي ناھي سگھيو ـ پ پ اميدوارن اڳ ۾ ووٽ وٺي عوام کي ديوار سان لڳايو ويو آهي ـ ڳوٺن جي عوام پي ٽي آء اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو ـ اسان عوام جا حقيقي نمائندا آھيون ھاڻي عوام کي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻو آهي ـ اسان اڪثريت سان کٽي ڏيکارينداسين ـ عوام اسان سان گڏ آهي.

  • 26 جون تي تير تي ٺپو هڻي پ پ اميدوارن کي عوام ڪامياب ڪندو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)پ پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ميرپورخاص ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو آهي ته ميونسپل  ڪاميٽي مٺي جي وارڊ نمبر 13 جو عوام 26 جون تي تير تي ٺپو هڻي پ پ پ جي نامزد ڪيل اميدوار روپچند مالهي کي ڪامياب ڪندو،مٺي جي شهر واسين هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي،26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ پ اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو،اهڙو اظهار هن ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي وارڊ نمبر 13 جي اميدوار روپچند مالهي جي حمايت ۾ اولڊ ميگهواڙ پاڙي مٺي ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مٺي سميت سڄي ٿر جي عوام جي وڏي خدمت ڪئي آهي مٺي سميت سموري ٿر ۾ مثالي ۽ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن،پيپلز پارٽي ٿر جي عوام جي ڏک سک ۾ گڏ رهي آهي،ان ڪري ٿر جا ماڻهو پيپلز پارٽي کي پنهنجو مينڊيٽ ڏيندا رهيا آهن،ڪارنر گڏجاڻي کي پ پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي خطاب ڪندي چيو ته تاريخ شاهد آهي ته ڏکي کان ڏکي وقت ۾ به مٺي جي ماڻهن پ پ پ سان نڀايو آهي،جنرل ضياءُ جو دور هجي يا مشرف جو،ارباب رحيم جو دور هجي يا ڄام صادق جي ڏاڍ ۽ جبر وارو دور هجي پر مٺي جا ماڻهو هميشه پيپلز پارٽي سان گڏ بيٺا آهن،هن چيو ته پ پ پ ذات،پات, رنگ،نسل ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ سمورن ماڻهن جي خدمت ڪندي رهي آهي،اولڊ ميگهواڙ پاڙي جي رهواسين جا نهايت ئي ٿوڙائتا آهيون جن هميشه پ پ پ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي ۽ 26 جون تي به پ پ پ جي اميدوار کي ڪامياب ڪندا،گڏجاڻي ۾  ماتورام ڀڳت،سشيل ملاڻي،ڏونگر ٻلاڻي،نواز باغي،ڪندن مالهي،وڪيل ڪنور امر،مولشنڪر ويرجياڻي،سراج سومرو سميت وڏي تعداد ۾ وارڊ جي ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي،ڪارنر گڏجاڻي بعد پ پ پ اميدوار روپچند مالهي جي اولڊ ميگهواڙ ۾ اليڪشن آفيس جو افتتاح پڻ ڪيو.

  • فيض گنج جي يوسي ننگر شر ۽ پڪا چانگ ۾ اميدوارن جا طوفاني دورا

فيض گنج (ن ع آ)  فيض گنج يوسي ننگر شر ۽ ٽائون ڪاميٽي پڪا چانگ پ پ ضلع اڳواڻ شيراز شوڪت راڄپر جا دورا جوانان  پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ عبداللطيف شر شيراز شوڪت راڄپر جي موجودگي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ٽائون ڪاميٽي پڪا چانگ وارڊ نمبر ٽي جي آزاد اميدوار وڪيل امتياز علي شر  شيراز شوڪت راڄپر جي موجودگي ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار شجاعت چانگ جي حق ۾ هٿ کڻي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو عوامي آواز اخبار سان شيراز شوڪت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن تي پاڪستان سميت فيض گنج جو عوام ڀرپور اعتماد ڪري ٿو فيض گنج وڏي مشقل سان مخالفن ڪجهو اميدوار تہ سامھون آندا آهن پر ورڪ دوران پاڪستان پيپلزپارٽي سان عوامي چاه ڏسي مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن انشا الله اليڪشن واري ڏينهن اميدوارن کي ووٽر تہ وڏي مشقل سان ڪو هڪ اڌ ملندو پر ايجنٽ لاءِ پريشان ٿي ويا آهن پاڪستان پيپلزپارٽي فيض گنج جي ڏھ يوسي ٻہ ٽائون ڪميٽي ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي يادي رهي اڳين بلدياتي اليڪشن ۾ ڏھ يوسي کي پاڪستان پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي ٽائون ڪرونڊي جي مڪمل وارڊن تي پاڪستان پيپلزپارٽي سوڀاري ٿي ٽائون ڪاميٽي پڪا چانگ جي نو وارڊن مان هڪ وارڊ وڏي مشقل سان مخالفن کٽيون هن دفعي تعلقي فيض گنج ۾ کين اهو هڪ وارڊ به نه ملي سگهندو.

  • ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي جا ٿر جي ڳوٺن جا دورا

مٺي(رپورٽ: جي آر جوڻيجو)پيپلزپارٽي ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي پ پ اميدوارن جي ورڪن جو باقاعده آغاز ڪري مخالفن لاءِ  وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آھي مٺي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 11 تي آزاد اميدوار سيٺ پريم ڪمار مهيش ملاڻي جي اچڻ تي پ پ اميدوار جي حق ۾ رٽائر ٿي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو وارڊ نمبر 9 تي پي ٽي آءِ اميدوار ڪپيل گوسوامي پڻ پ پ ۾ شامل ٿي پ پ جي اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪيو وارڊ نمبر ٽي تي ن ليگ جي وڪيل همليش ڪمار به پ پ جي اميدوار سروپ سوٽھڙ جي حق ۾ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد ميونسپل ڪاميٽي مٺي جي سياسي صورتحال تبديل ٿي وئي آھي ذريعن موجب اڃان به ٽي کان چار اميدوار پ پ جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آھن مٺي ميونسپل ڪاميٽي گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ يڪراءِ طور ٿي هئي پر هن ڀيري ڪجهه وارڊن تي يڪراء ٿيڻ جو امڪان آھي ٻئي طرف يوسي ڍاڪلو جي آزاد اميدوار مهيسنگهه به ڊاڪٽر مھيش ملاڻي سان ملاقات ڪري پ پ اميدوار جي حق ۾ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي ٽائون ڪاميٽي چيلهار جي وارڊ اڳوڻي چيئرمين پرديپ ڪمار اوجها کي سامهون اليڪشن ۾ بيٺل اميدوار پرديپ راٺي ۾ پڻ پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو.

  • يارو لاکير ۾ گڏجاڻي، سرگاڻي ۽ ڪلهوڙا برادري جا چڱا پ پ ۾ شامل

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ کان 3 ڪلوميٽر پري يوسي يارو لاکير ۾ پ پ پاران ڀوري جا ڀاڻ ۾ وڏيرو فھد علي راڌڻ  ۽ جنرل ڪائونسلر ارشاد علي راڌڻ  جي رھائش گاھ تي بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ان موقعي تي برڪت علي ڪلھوڙو ۽ عبدالفتاح سرگاڻي جي ڊي اي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو جلسي کي خطاب ڪندي ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو تعلقي صدر منير سوهو سردار علي ڏنو خان گاڏھي وڏيرو فھد راڌڻ يوسي يارو لاکير چئيرمين شپ جي اميدوار وڏيرو اسد خان لاکير ۽ ٻين پ پ اڳواڻن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آھي اوهان پنهنجو ووٽ پ پ جي اميدوارن کي ڏيندا جيئن ھو ڪامياب ٿي وڌيڪ خدمت ڪري سگھن هنن چيو ته پ پ هميشه غريب ماڻھن جي مدد ڪئي آھي کين نوڪريون ڏنيون آھن ۽ ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن هنن چيو ته جي ڊي اي وارن جو ھتي ڪو وجود ئي ناهي جڏھن ته اليڪشن ۾ جي ڊي اي وارا ظاهر ٿيندا آھن وري اليڪشن ختم ٿيڻ کان پوء ھو گم ٿي ويندا آھن هنن چيو ته اڄ به عوام شھيد ڀٽي ۽ شھيد راڻي سان بيحد محبت ڪري ٿي عوام کي کپي ت 26 جون تي تير تي ٺپو هڻي پ پ اميدوار پنهنجن دوستن کي ڪامياب ڪرايو.ان موقعي تي  تعلقي ڏوڪري جي اڳواڻ مير نجف علي سرگاڻي  يوسي يارو لاکير جي صدر واحد بخش سرگاڻي  رياض علي سرگاڻي  روشن علي سرگاڻي  وڏيرو نظام الدين ڪلھوڙو ۽ ٻيا ساڻس گڏ  هئا آخر ۾ آيل مھمانن کي سنڌي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

  • غلام علي نطاماڻي جا پٽ دانيال ۽ دانش نظاماڻي پ پ ۾ شامل

تلھار (ن ع آ)  تلھار تڪ جي اڳوڻي سرگرم ايم اين اي مرحوم غلام علي خان نظاماڻي جا چشم چراغ دانيال ۽ دانش نظاماڻي به سياست  جي ميدان تي لھي پيا، پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻن سان ٽيلفونڪ رابطن کانپو۽ گذريل ڏينھن دانيال نظاماڻي ۽ دانش پ پ ايم پي اي فريال ٽالپور وٽ پھچي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو باقاعده سان اعلان پڻ ڪري ڇڏيو دانيال نظاماڻي عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسانجي والد محترم جون پيپلزپارٽي سان تمام گھڻيون محبتون پڻ رھيون آھن ۽ ڪيترائي ڀيرا عوام اسانجي والد کي ايم اين اي بطور چونڊي وڏي مان سان نوازيو عوام جي دلين ۾ بابا جي محبت کي برقرار رکڻ لا۽ آئون سياست ۾ آيو آھيان ۽ پيپلزپارٽي ۾ رھي پنھجي تڪ جي عوام لا۽ خدمتون سرانجام ڏيندو رھندس، دانيال نظاماڻي جو وديڪ چوڻ ھو ته آئون انتھائي شڪرگذار آھيان پيپلزپارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت اڌي فريال ٽالپور جو جنھن مرحوم اڳوڻي ايم اين اي غلام علي خان نظاماڻي جي فرزند کي عزت ڏني اڄ کانپوء اسانجو جيئڻ ء مرڻ پيپلزپارٽي سان ئي رھندو.

  • جهڏو ۾ پ پ جون چونڊ سرگرميون تيز

جهڏو (ت ر) ميرپورخاص جي اڳوڻي ضلعي چيئرمين مير انوار ٽالپر، مير شارق ٽالپر، ميرطارق ٽالپر، اظہر خان ڀرڳڙي، الله رکيو دل، محمد حسن  لغاري، مظهر لغاري، ممتاز کوسو، جي اڳوڻي ۾ سوين گاڏين جي ڪافلي ۾ تعلقي جهڏو جي پ پ اڳواڻن، جيالن، ڪارڪنن، ڳوٺ نياز محمد ڪپري، ڳوٺ ڪيول مڪواڻو، جيو ريٻاري، ڀلو ڀٽي، خيراج ڪولهي، يوسي مير الله بچايو ۾ پيپلزپارٽي جي پينل تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر جي اميدوار رئيس عبدالمجيد کوسو، چيئرمين ڪامران لغاري، وائس چیئرمین کيرو ڪولهي، کي بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ ورڪ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن پيپلزپارٽي قيادت جي مان ۾ جلسا پڻ منعقد ڪيا ويا، اڳواڻن عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي پورهيتن ۽ مظلوم عوام جي پارٽي آهي هر دور جي مخالفن پ پ کي ڀت سان لڳائن جي ڪوشش ڪئي آهي پر پيپلزپارٽي عوامي طاقت سان ڪاميابي حاصل ڪري سازشن کي ناڪام بڻايو آهي، هنن چيو ته پيپلزپارٽي تعلقي جهڏو ۾ ڪلين سوئپ ڪندي.

  • ڇاڇري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا اليڪشن ڪميشن مٿان الزام

ڇاڇرو(رپورٽ يعقوب بجير) تحريڪ انصاف جي ضلع صدر ٿرپارڪر دلاور خان مالڪاڻي،ايڊووڪيٽ ڀڳوان داس،قمر الدين راهمون ۽ ٻين  اڳواڻن چيو ته ڇاڇرو ۾ آروز پيپلزپارٽي جي ڌر بڻيل آهن،سرڪاري آفيسون نه بلڪه پيپلزپارٽي جون سياسي آفيسون بڻيل آهن. اليڪشن ڪمشنر جي پابندي باوجود ضلعي ٿرپارڪر جون 60 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنون پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي حڪم تي بدلي ڪيون ويون آهن، هنن جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ ۾ اسان درخواست ڏني هئي هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺي حڪم جاري ڪيو ته ٻن ڏينهن ۾ پولنگ اسٽيشنون واپس ڪري رپورٽ ڏني وڃي پر   ڊي آر او ٿرپارڪر ڪوبه عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي قانون موجب اليڪشن کان 15 ڏينهن اڳ پولينگن تي مقرر عملي جو شيڊول پبلس ڪيو ويندو آهي پر هاڻ 7 ڏينهن اليڪشن ٿيڻي آهي پر اڃان ڪا لسٽ نه جاري ڪئي ويئي آهي صاف نظر اچي رهيو آهي پيپلزپارٽي جي حڪم تي هنئير کان ڌانڌلي جي تياري ٿي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي ٻي صورت ۾ 24 جون تي ڌرڻو هڻنداسين. اڳوڻن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو  آهي ته پولينگ اسٽيشن  تي رينجرز ۽ فوج مقرر ڪئي وڃي.

  • پنو عاقل وارڊ 4 جي اميدوار پاران  مختلف هنڌن  جو دورو

پنوعاقل؛ن ع آ)پنوعاقل شھر جي 14 نمبر وارڊ تي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار ايڊوڪيٽ طارق حميد قريشي پنھنجي وارڊ حمايتي  ساٿين سان گڏ نبي بخش محلو،مدني مسجد پاڙو،وڪيل ارجنداس محلو،واپڊا آفيس محلو،عيد گاھ چوڪ سميت چونڊ تڪ ۾ پارٽي ڪارڪنن سان گڏجي ووٽ ڏيڻ جي گھر ڪئي ۽ پارٽي جھنڊن سان موٽرسائيڪلين تي ريلي ڪڍي وئي،ريلي کي خطاب ڪندي طارق حميد قريشي چيو ته مونکي وارڊ 14 جي عوام ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ۽ مان حڪومت پاران مليل سرڪاري فنڊ ايمانداري سان خرچ ڪري پاڙي جي مڙني روڊن گھٽين جا سي سي بيلاڪ،ڊرينيج سسٽم ٺھرائي ڏيندس،اميدوا ايڊوڪيٽ طارق قريشي چيو ته اسان ھڪ استاد جي اولاد آھيون،عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا.

  • شهدادڪوٽ جي تعلقي چيئرمين لاءِ ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي: نادر مگسي

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي) لوڪل باڊيز جي اليڪشن جي سلسلي ۾ تازو پرڏيھ کان واپس ڏيھه پھچندڙ پپلز پارٽي جي ايم پي اي مير نادر مگسي چيو آهي ته شھدادڪوٽ جي تعلقي چئرمين لاءِ ڪو به فيصلو ڪونه ٿيو آهي وڌيڪ ڏسجي ته ڪھڙيون منڍيون کٽي ٿيون اچن، باقي جيڪو پاڻ کي تعلقي جو چئرمين ٿو سڏرائي ته اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي, شھدادڪوٽ ۾ پنهنجي النور مگسي ھائوس تي صحافين جي ھڪ وفد سان ڳالھائيندي ميرنادر مگسي چيو ته مڪاني چونڊون عام چونڊن کان وڌيڪ ڏکيون ھونديون آهن ھن چونڊن ۾ برادرين جي ووٽ کي وڏي اھميت ھوندي آهي جنهن ڪري ھن چونڊن ۾ سگھاري ووٽ واري برادري جو ئي اميدوار اڪثر طور ڪامياب ٿي ايندو آهي، مير نادر مگسي چيو منهنجي سڀ کان وڌيڪ ترجيح اھا آهي ته مان پپلز پارٽي جي اميدوار کي ئي ڪامياب ڪرايان پر ڏسان ٿو ته پپلز پارٽي جي مقابلي ۾ بيٺل مخالف اميدوار به پنھنجو ئي آهي، جن کي ميڙ منٿ ڪري ھٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪندس.

  • چيلھار ۾ پ پ آزاد اميدوارن کي ھٿ کڻائڻ ۾ ڪامياب

چيلھار ( رپورٽ:جتيندر باغي ) چيلھار ۾ھن دفعي بلدياتي اليڪشن جي حوالي کان چيلھار شھر جي سياسي صورتحال بابت ذڪر ڪجي ته  وارڊ نمبر 1 ۾ پيپلز پارٽي اميدوار جھامن ميگھواڙ کان مقابلو ڪرڻ لاءِ رستم راٺوڙ مظوط اميدوار طور بيٺل نظر اچي رھيو آھي وارڊ نمبر 2 ته پيپلز پايٽي ٽڪيٽ اميدوار پرديپ اوجھا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل مھيشوري برادري آزاد اميدوار پرديپ پٽ جگديش ھٿ کڻي ڇڏيا آھن وارڊ نمبر 2 جي آزاد اميدوار طور بيٺل پرديپ مھيشوري کي ھٿ کڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي اڳواڻن ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي راڻاڪرنسنگھ سوڍا مھيشوري برادري وٽ لنگھي وڃي چيو وارڊ نمبر 2 ۾ جيڪا اسانجو پيپلز پارٽي اميدوار پرديپ اوجھا جي حق ۾ ھٿ کڻي ان وقت گرڌاراڻي برادري ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي کي مان ڏيندي چيو اسان اوھان ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي ڪرنسنگھر سميت آيل مھمانن کي سنڌ روايت رکندي مان عزت ڏيون ٿا جنھن ڪري اسان گرڌاراڻي برادري اوھان سان گڏ آھيون ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي چيو اوھانجو ڪا به ڪم ھُجي مون سان رابطو ڪجو آئون ھر حوالي اوھانکان ٻڌل آھيان ان موقعي ته پمن لعل راٺي ڊاڪٽر شنڪر وانڪواڻي ۽ ٻيا موجود ھُئا.

  • مٺي جي وارڊ 8 تي پ پ ۽ جماعت اسلامي آمهون سامهون

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 8 تي جماعت اسلامي جي اُميدوار ميرمحمد بليدي ۽ پ پ اُميدوار ڀڳت ونيش  مهراج وچ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي،ڄاڻايل وارڊ تي ڪيل سروي دوران جماعت اسلامي اُميدوار ميرمحمد بليدي جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط نظر اچي رهي آهي،اُنهي سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي اُميدوار ميرمحمد بليدي پاران وارڊ جي عوام سان گڏجي ورڪن تي شهر ۾ لهي پيو،گڏجاڻيون ڪرڻ بعد ڪمشير چوڪ تي هڪ زبردست عوامي پاور شو ڪيو ويو،ريلي ڪڍي شهر جو گشت پُڻ ڪيو ويو،ريلي ۾ وارڊ جي سوين ووٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڪاميابي جي دعوىٰ ڪئي،ريلي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي اُميدوار ميرمحمد بليدي چيو آهي ته شهر جي غريب ڪالونين کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي،آئون جنهن وارڊ تان اليڪشن وڙهي رهيو آهيان اُنهي جي حالت سڀني جي سامهون آهي،اُتي پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي، بجلي، صحت، تعليم سميت ڪا به سهوليت موجود ناهي،اُتي جي عوام کي انسان تسليم نه ٿو ڪيو وڃي،ماڻهو پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ سخت پريشان آهن،وارڊ نمبر 8 کي ترقياتي ڪمن ۾ مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي،پ پ اهڙن اُميدوارن کي ٽڪيٽ ڏئي بيهاريو آهي جتي اُنهن جو ووٽ ناهي،اسان کي چيو ٿي ويو ته توهان جو هتي ڇا وڃي،اڄ آئون ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته هي عوام سمنڊ ڏسي وٺو،هي نڪتل ماڻهو تبديلي ٿا چاهين،انشاءُ اللّٰه 26 تاريخ تي وارڊ جي عوام ساهمي تي ٽپو هڻي مونکي ڪامياب ڪندي،آئون ڪامياب ٿي وارڊ جا سمورا مسئلا حل ڪندس،آئون وارڊ جي سمورين هندو توڙي مسلم برادرين جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ڪيو آهي،ڪاميابي عوام جي ٿيندي.

  • يوسي حمل جي سيٽ تي اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ  ورڪ تيز

فريدآباد  ( ن ع آ ) يونين ڪائوـسل حمل جي چئيرمين جي سيٽ تي پ پ اميدوار رئيس قربان چانڊيو وائيس چئيرمين امتياز لاشاري ضلعي ڪائونسل جي ميمبر گلزار ساکاڻي چانڊيو جي اليڪشن ۾ ڪاميابي لاء ورڪ مھم  تيز ڪري ڇڏي آهي پ پ ايم پي اي نوابزادھ  برھان خان چانڊيو  رئيس قربان چانڊيو  رئيس محرم خان رند ـ رئيس سجاد حسين چانڊيو   عبدالستار رند ـ رئيس نور احمد چانڊيو  رئيس بشير احمد رند ـ امداد علي ساکاڻي ـ فنڪار سوز علي چانڊيو ـ خميسو خان لاشاري ـ ڊاڪٽر اسلم لاشاري ـ غلام رباني چانڊيو  ـ رئيس مرتضا چانڊيو  ـ سرور رند ـ ميھر علي چانڊيو رئيس خادم چانڊيو ۽ ٻيا ورڪ مھم ۾ حمل ـ گاھي جو ڳوٺ ـ پير صالح شاھ ـ لشڪر خان لاشاري ـ زيروـ مرزا پور ۽  ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان چانڊيو  ۾ رئيس واڌل ساکاڻي چانڊيو  جي رھائش گاھ تي پھتا ته پ پ ايم پي اي نوابزادھ  برھان چانڊيو  جو دھلن شرنائن سان شاندار استقبال ڪيو ويو شاندار آجيان ڪئي وئي ـ ان موقعي تي پ پ ايم پي نوابزادھ  برھان چانڊيو  چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي عوام جي اڳ ۾ بي لوث خدمت ڪئي آهي عوام سان ڏک سک ۾ گڏ رھيا آھيون ـ پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي اسان جي پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪندا ـ ان موقعي تي چئيرمين اميدوار رئيس قربان چانڊيو  چيو ته اسان جي ورڪ مخالف ڏسي بوکلائجي ويا آهن ـ اسان جي ڪاميابي باشعور عوام جي ڪاميابي آهي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو ـ 26 جون تي عوام تير تي ٺپو ھڻي ڪامياب ڪندو.

  • فريد  آباد جي يوسي خان جا آزاد اميدوار ميدان تي لهي پيا، ووٽ جي اپيل

فريدآباد ( ن ع  آ) يونين ڪائونسل جي چئرمين جي سيٽ حاصل ڪرڻ لاء آزاد اميدوار چئرمين خالد سولنگي وائيس چئيرمين رستم سولنگي نيشنل پريس ڪلب تي پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته يوسي خان جو ڳوٺ تي پ۔پ ۽ پي ٽي آء اميدوارن کي شڪست ڏيڻ لاء ميدان تي لٿا آھيون ـ ھنن چيو ته يوسي خان ۾ ساڳيا چھرا آندا ويا آهن جيڪي عوام جي خدمت ڪرڻ بجاء پنھنجا پيٽ ڀري رھيا آهن ـ ڳوٺن ۾ پئيڻ جو پاڻي ناھي ـ عوام کي ڪي به بنيادي سھولتون ملي ناھن سگھيون ـ ڳوٺن ۾ پيور سي سي بلاڪ روڊ رستا ملي ناھن سگھيا ـ ووٽ وٺي ھليا وڃن ٿا وري نٿا اچن ـ عوام ھاڻي انھن اميدوارن جي رستا روڪ ڪري ڏيکاري ـ ھن چيو ته مختلف برادرين جا ماڻهو اسان جي حمايت ڪن ٿا اسان اڪثريت سان کٽي ڏيکارينداسين ـ پ پ ۽ پي ٽي آء غلط فيصلا ڪري ٿي ـ نظر ثاني نٿي ڪئي وڃي ـ جنهن ڪري اسان ميدان تي لٿا آھيون  باشعور عوام کي اڳتي نٿو آندو وڃي ـ ھاڻي اسان کي فيصلا ڪرڻا پوندا ـ عوام جا بنيادي مسئئلا حل ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪنداسين ـ باشعور عوام اسان سان گڏ آهي.

  • ٺل ۾پولنگ اسٽيشن تبديل ڪرڻ خلاف احتجاج

ٺل(ن ع آ)ٺل ۾ يوسي ٻچڙو جون پولنگ اسٽيشنيون تبديل ڪرڻ خلاف اميدوارن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو,مخالفن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام,خبر موجب ٺل ويجهو يوسي ٻچڙو 34 ۾ پولنگ اسٽيشن تبديل ڪرڻ خلاف آزاد اميدوارن محمد کوسو,سيد آفتاب شاه ڊاڪٽر زاهد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ مظاهرين چيو ته يوسي ٻچڙو 34 تي پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪيون آهن جنهن ڪري ڳوٺاڻن کي اليڪشن واري ڏهاڙي ووٽ ڪرڻ ۾ مشڪلات پيش اچي ٿي هنن چيو ته ٻچڙو پولنگ اسٽيشن تبديل ڪري سڪندر آباد ۾ رکي وئي آهي اسان جي ڳوٺ جا هزارين ماڻهو پنج ڪلو ميٽر پري پولنگ رکڻ ڌانڌلي جي شروعات ڪئي آهي احتجاج ڪندڙ اميدوارن چئرمين محمد کوسو ,سيد آفتاب شاه چيو ته مخالف اميدوار ۽ انهن جا ماڻهو اسان کي نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان پرامن ماڻهو آهي پر مخالف هروڀرو اسان جي ماڻهن کي اليڪشن ڏهاڙي ووٽ ڪرڻ لاء جهيڙي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو پيو وڃي, اليڪشن واري ڏهاڙي تي اسان کي پولنگ اسٽيشن تي رينجرس ڏني وڃي جيئن جهيڙي ٿيڻ کان بچي سگهجي هنن چيو ته اسان پولنگ اسٽيشن تبديل ڪرڻ خلاف آرو ۽ ڊي آر او کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪوئي به مسئلو حل ناهي ٿيو هنن چيف اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته تبديل ٿيل پولنگ اسٽيشن واپس ڪيون وڃن ۽ سيڪورٽي به ڏني وڃي جيئن جهيڙي کان بچي سگهجي.

  •  ڏوڪري ۾ پ پ پاران پاور شو، مختلف برادرين پاران شموليت

ڏوڪري ( ن ع آ) ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪرڻ ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ مخلتف برادرين پاران جلسا منعقد ڪيا ويا. ان ڏس ۾ منظور احمد مگسي، سيف مگسي پاران جي ڊي اي کي  الوداع ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته باگڙي برادري پاران حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. هوڏانهن لوهر برادري پاران وارڊ پنج ۾ جلسو ڪرايو ويو جلسي کي پ پ ضلعي صدر خورشيد احمد جوڻيجو، اڳوڻي ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو، تعلقي صدر منير احمد سوهو، پ پ اڳواڻ غلام مرتضي خان ٻگهيو، تعلقي جنرل سيڪريٽري سردار علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، وارڊ 4 جو اميدوار فدا حسين گاڏهي، وارڊ هڪ جو اميدوار محمد اعظم سومرو، پير بخش جوڻيجو، وارڊ 3 جو اميدوار فياض خان جوڻيجو، وارڊ 2 جو اميدوار بشير ٿهيم، همٿ علي جتوئي، حبيب ﷲ عالماڻي، پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ غلام فاطمہ ميراثي، علي بخش ميتلو، شوڪت علي سومرو، قاضي نور حسين، قاضي عبدالجبار، قاضي زبير احمد، قاضي شاھ جھان، ڊاڪٽر محمد عثمان کوکر، قاضي نياز حسين، غلام حسين گاڏهي، قاضي منصور علي، جان محمد جوڻيجو، قاضي عزيز احمد ،نديم جوڻيجو، قاضي عبدالمجيد، قاضي عابد علي، نثار جتوئي، رياض ڀٽو، قاضي شاهنواز، عبيدﷲ جوڻيجو، اڪبر قريشي، جان محمد جوڻيجو، قاضي دودو، قاضي صدام، مشاهد خاصخيلي، ذيشان ميمڻ، سجاد جويو، بابر جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ تعلقي ڏوڪري جي اڳواڻ اڪرم لوهر تحريڪ انصاف کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ضلعي صدر خورشيد احمد جوڻيجو، اڳوڻي ايم اين اي نظير احمد خان ٻگهيو، پير بخش خان جوڻيجو، منير احمد سوهو، سردار علي ڏنو خان گاڏهي، پ پ اڳواڻ غلام مرتضي خان ٻگهيو، قاضي جميل احمد جوڻيجو، اڪرم لوهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 2018 واري اليڪشن ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي اي اهي واعدا ڪيا هئا ته اليڪشن کٽي اچڻ بعد اسان ڏوڪري تعلقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائينداسين جيڪي ڪرائي رهيا آهن. هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي توهان اسان جي پارٽي، مزدورن مسڪين جي پارٽي آهي، شاگردن جي پارٽي آهي اها ئي پاڪستان پيپلزپارٽي جي خوبي آهي جيڪا عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا اسان جي ٻچن جي مستقبل کي رکندي روزگار فراهم ڪندي رهي آهي، ترقياتي ڪم ۽ نوڪريون پاڪستان پيپلزپارٽي ڏيندي رهي آهي، عوام پيپلزپارٽي جي قيادت سان بيحد محبت ڪري ٿو. هوڏانهن ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 3 ۾ اوڏ برادري جي سڪندر اوڏ، اربيلو اوڏ، گلشن لعل اوڏ، گلشبير اوڏ، دلبر اوڏ، صاحب اوڏ، محبوب اوڏ پاران پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪرڻ لاءِ جلسو ڪوٺايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.