عوامي آواز مڪلي جي رپورٽر تي حملو، تشدد، احتجاج

ٺٽو(ڊ ر) عوامي آواز مڪلي جي رپورٽر اياز علي جلالاڻي تي  اوباش نوجوانن حملو ڪري سخت تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو، رپورٽ داخل، ڪابہ گرفتاري عمل ۾ نہ آئي، صحافين جو احتجاج. خبر موجب عوامي آواز ٺٽي جي ضلعي رپورٽر منصور جلالاڻي جي ننڍي ڀاءُ ۽ عوامي آواز مڪلي جي رپورٽر اياز علي جلالاڻي تي اوباش نوجوانن دوست علي ھيجب، شعيب ھيجب ۽ اشو ھيجب گھران ٻاھران حملو ڪري کيس تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو آھي.، حملي خلاف ٺٽي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي پر ٺٽو پوليس ڪابہ گرفتاري عمل ۾ ناھي آندي. ان سلسلي ۾ ٺٽي جي صحافين پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، عبدالوھاب شيخ، ڀورو سرڪي، رشيد جاکرو، منصور جلالاڻي، نظير جاکرو، رحمت الله ڇٽو، حاجن سولنگي، اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، پريس ڪلب مڪلي جي صدر اعجاز واريو ۽ ٻين نوجوان صحافي اياز علي جلالاڻي تي ڪيل حملي جي سخت مذمت ڪندي ايس ايس پي ٺٽو کان جوابدارن جي فوري طور گرفتاري جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آھي تہ جيڪڏھن جوابدار گرفتار نہ ڪيا ويا تہ ايس ايس پي ٺٽو جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.