ڏوڪري جي شاخن ۾ پاڻي نه پهتو، پوکي نه ٿيڻ سبب آبادگارن ۾ڳڻتي

ڏوڪري ( رپورٽ : آفتاب  قاضي ) ڏوڪري تعلقي جي شآخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب آبادگار طبقو سخت پريشانن ۾ مبتلا آهي رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ موندر شاخ، گجهڙشاخ، منڌرا شاخ ۽ ٻين شاخن توڙي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب پڇڙي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۾ هن وقت تائين ساريالي جو فصل رنبجي نه سگھيو آهي معلوم ٿيو آهي ته آبپاشي کاتي جي ڪامورن هر شاخ تي پنهنجي منٿلي مقرر ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجي داروغن ۽ بيلدارن جي پٺي ٺپي  ڪري کين حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ته هر هڪ شاخ جي آبادگارن کان هڪ لک روپيا وصول ڪريو بعد ۾ کين پاڻي ڏنو وڃي. ڏوڪڙ نه ڏيندڙ شاخن جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪيو وڃي اهڙن حڪم نعد بيلدار ۽ داروغن علائقي جا بي تاج بادشاهه بڻجي شاخن جا در بند ڪري ڇڏين ٿا.  پڇڙي وارن علائقن جي آبادگارن ۽ هارين پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.  پر آبپاشي کاتي جي گونگن، ٻوڙن ۽ انڌن ڪامورن جي ڪن تي جونءِ به ڪو نه سري، آبپاشي کاتي جا راشي آفيسر رشوت نه ملڻ جي ڪري شاخن ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، جڏهن ته شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب رائيس ڪئنال ۾ سوين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي ٻئي طرف زرعي رائيس ريسرچ انسٽيٽوٽ جي ماهرن جو چوڻ هو ته مند چڙهي وڃڻ کان پوءِ ساريالي جو پوکيل فصل ڪمزور هئڻ ڪري پيداوار گھٽ لهي ٿي ۽ جنس پڻ غير معياري ٿئي ٿي. هن موجب ساريالي فصل جي رونبي جي مهل تي سارين جو رونبو نه ٿيڻ سبب پوکيل فصل آبادگارن لاءِ نقصان ڪار ثابت ٿئي ٿو. هن وقت به ڏوڪري ۽ نصيرآباد تعلقن جي ديھ ڏوڪري، ديھ ويهڙ، ديهه ڌامراهه، ديهه ٻاٻوري، ديهه گڪو، ديهه مرزائي، ديهه آڏي ڌامراهه، ديهه سميت ٻين ديهن ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۾ ساريالي فصل جي رنبائي نٿي سگھي آهي جنهن ڪري علائقي جي آبادگارن کي وڏي خساري سان منهن ڏيڻو پوندو ٻئي طرف هتان جي آبادگارن ۽ هارين شاھ جھان، مہتاب احمد، بگن شيخ، عبدالغفار، ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي ڪرپٽ ڪامورن رشوت نه ڏيڻ ڪري علائقي جي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت به علائقي ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۾ ساريالي جو رونبو نه ٿي سگھيو آهي ڪيترن ئي علائقن ۾ ساريالي جو ٻيجارو پاڻي نه ملڻ ڪري سڙي ختم ٿي ويو آهي هنن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان آبپاشي ڪامورن پاران پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ سبب آبادگارن ۽ هارين کي وڏي نقصان سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هنن چيو ته مند چڙهي وڃڻ سبب فصل رنبڻ جي ڪري فصلن تي ڪيل خرچ به نه ٿو نڪري هنن آبپاشي کاتي جي وزير ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوڪري تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ آبپاشي ڪامورن خلاف قدم کڻي آبادگارن ۽ هارين کي تباهي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.