پيرجوڳوٺ ويجهو نوجوان پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ ويجهو ڳوٺ نوراجا جو رھواسي چئن ٻارن جو پيءُ 25 سالا راجہ نواز عرف جمن خواجہ ھڪ مھينو کان پراسرار نموني  گم ٿي ويو آهي ان ڏس ۾ نوجوان جي سئوٽ اڪبر خواجا ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوان سئوٽ هڪ مهينو اڳ ميرپور ماٿيلو وڃڻ لاءِ چئي گهران نڪتو، سکر پھچڻ کانپوءِ پراسرار نموني گم ٿي ويو سندس فون نمبر پڻ بند پيل آهي، ڪافي ڳولا باوجود ڪو پتو پئجي ناهي سگهيو ڪنهن سان ڪا دشمني به ناھي شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪري بانڌي بڻايو ويو آهي جنھن سبب نوجوان جي گهر روڄ راڙو متل آهي هنن ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت ٻين وس وارن ادارن کي اپيل ڪئي نوجوان جي ڳولا مدد ۾مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.