آريجا لڳ جي ڊي اي اڳواڻ ۽ جتوئي برادري جو چڱو مڙس دل بيهڻ سبب فوت

خير محمد آريجا (ن ع آ)خير محمد آريجا لڳ ڳوٺ علي جتوئي واسي جي ڊي اي اڳواڻ ۽ جتوئي برادري جو چڱو مڙس ماڇي  خان جتوئي اٽڪل 68 سالن جي عمر ۾ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو جنهن جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سندس جا وارث مڙه کي چنبڙي زاروزار روئي رهيا هئا.  جڏهن ته فوتي جي جنازي نماز ۾ جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف حسين انڙ عدنان الطاف حسين انڙ، پي ٽي آءِ اڳواڻ علي ڏنو عرف سانول خان انڙ ، مظفر چانڊيو سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن نديم خان انڙ، وڏيرو بشير خان جتوئي، ذوالفقار جتوئي، عبدالحمید جيسر، لياقت سومرو، بابو سرور سيال، نظير خان جتوئي، گهنور خان جتوئي، محمد سليمان ڪنڀر، محرم ڪنڀر ،شاهد ناز تونيو، ۽ جتوئي برادري جي چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد سندس مڙهه کي سوين آلين اکين سان اباڻِي قبرستان مجاور لاشاري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن تڏي تي سندس وارثن ڀائرن ۽ پٽن محمد حسن جتوئي، مولا بخش جتوئي، حاجي ٻگن جتوئي مظهر علي جتوئي، اقبال جتوئي ۽ ٻين سان تڏي تي پهچي جي ڊي اي اڳواڻن، پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ جتوئي برادري جي ماڻھن فاتح خواني بعد تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻن عادل الطاف حسين انڙ، ۽ عدنان الطاف حسين انڙ ۽ ٻين چيو ته مرحوم چاچا ماڇي خان جتوئي هر دل عزيز ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ هو جنهن پنهنجي علائقي جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي ۽ اسان انڙ خاندان سان آخري وقت تائين ساٿ نڀايو، اسان سندس کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.